اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۾ 5 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم جي 15 رانديگرن جي چونڊ مشڪل مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، ڪپتان بابر اعظم ۽ چيف سليڪٽر انضمام الحق ايشيا ڪپ جي ناڪامي بعد پهرين کان چونڊيل اسڪواڊ ۾ تبديليون ڪرڻ جي لاءِ مجبور ٿي ويا آهن، ٻنهي کي ان ڳالهه جو شدت سان اندازو آهي ته ٽيم ۾ بنا تبديلي گهاٽي جو سودو هوندو، هوڏانهن انگلينڊ ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ مصروف ڊائريڪٽر ڪرڪيٽر مڪي آرٿر ظاهري طور ان سموري سليڪشن جي مرحلي ۾ ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه پيو اچي، اطلاع آهن ته ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ تازو ٽيم جي پرفارمنس بعد اضافي وڪيٽ ڪيپر محمد حارث، اسپنر اسامه مير، فاسٽ بالر محمد وسيم جونيئر ۽ آل رائونڊر فهيم اشرف جو ڪيس تمام ڪمزور ٿي ويو آهي، تازه ترين اڳڀرائي کي نظر ۾ رکندي آل رائونڊر حسن علي ۽ ليگ اسپنر گگلي بالر ابرار احمد جي نالن جو پکو نڪرندي نظر اچي رهيو آهي، جڏهن ته مسلسل آئوٽ آف فارم رهندڙ ٽيم جي نائب ڪپتان شاداب خان ۽ ٽيسٽ اوپنر فخر زمان جي سليڪشن تي خدشا ضرور آهن، پر انهن جي اسڪواڊ کان ٻاهر وڃڻ جو ڪو امڪان ناهي، ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان جا امڪاني 15 رانديگر بابر اعظم (ڪپتان)، امام الحق، فخر زمان، عبدالله شفيق، سلمان علي آغا، افتخار احمد، سعود شڪيل، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر)، ابرار احمد، محمد نواز، شاداب خان، شاهين شاهه آفريدي، حارث رئوف، حسن علي ۽ زمان خان ٿي سگهن ٿا.