دبئي (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽرن جي عالمي تنظيم ورلڊ ڪرڪيٽرز ايسوسيئيشن (ڊبليو سي اي) ڪرڪيٽ اسٽرڪچر بابت تفصيلي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. ڊبليو سي اي جي رپورٽ 64 ڪرڪيٽرز ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشوري کانپوءِ تيار ڪئي وئي، جنهن ۾ راند جي موجوده ڍانچي ۽ گورننس ۾ بهتري لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون. رپورٽ ۾ ڪرڪيٽ ڪئلينڊر کي واضح ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو ويو آهي ته موجوده سائيڪل جي پڄاڻي تي نئون ۽ واضع ڪئلينڊر ترتيب ڏنو وڃي، جتي عالمي ڪرڪيٽ ۽ ليگ ميچن لاءِ طئي ٿيل ونڊوز رکيون وڃن. رپورٽ موجب، عالمي ڪرڪيٽ لاءِ هر سال 21، 21 ڏينهن تي ٻڌل 4 ونڊوز مختص ڪيون وڃن، جڏهن ته باقي ڪئلينڊر کي فري ونڊو قرار ڏئي، ان دوران ڊوميسٽڪ ليگ کي اجازت ڏني وڃي. ڊبليو سي اي جو چوڻ آهي ته عالمي ڪرڪيٽ تيزي سان ڪلب مقابلو ڪلب فارميٽ ڏانهن وڌي رهي آهي، تنهنڪري فرنچائز ڪرڪيٽ جي واڌ ويجهه دوران انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي اهميت برقرار رکڻ ضروري آهي. رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته پليئرز کي فرنچائز سان معاهدو ڪرڻ لاءِ هوم بورڊ جي اين او سي واري شرط ختم ڪئي وڃي، جڏهن ته فرنچائز ٽيمون انٽرنيشنل ونڊو ۾ رانديگرن کي قومي ڊيوٽي لاءِ ڇڏڻ جون پابند هونديون. ان کانسواءِ ٻه طرفي سيريز کي بامقصد بڻائڻ لاءِ هر فارميٽ ۾ ڊويزن جي بنياد تي مقابلا ڪرايا وڃن. ڊبليو سي اي تجويز ڏني آهي ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي ٻن سالن جي سائيڪل ۾ 12 ٽيمون ٻه ڊويزن بڻائي کيڏن، پهرين ڊويزن ۾ 8 ۽ ٻئي ۾ 4 ٽيمون شامل هجن، جڏهن ته ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ 4 بهترين ٽيمون مقابلو ڪن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته موجوده اسٽرڪچر ۾ ٽيمون غيرمتوازن انداز ۾ کيڏي رهيون آهن، تنهنڪري آءِ سي سي جي آمدني جي ورهاست کي شفاف بڻايو وڃي، ننڍين ٽيمن مدد لاءِ سينٽرل پول قائم ڪيو وڃي ۽ بين الاقوامي ڪرڪيٽ کي هڪ خودمختيار ۽ آزاد اسپورٽس باڊي طور ترتيب ڏنو وڃي.