ابوظهبي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ( ڊبليو ٽي سي ) جي فائنل جي ڊوڙ وڌيڪ دلچسپ ٿي ويئي آهي.2023ع کان 2025ع تائين جي ٻه سالا سائيڪل ۾ اڃا 16 ٽيسٽ ميچون باقي آهن، جڏهن ته پنج ٽيمون ايندڙ سال تاريخي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ شيڊيول ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل جي ڊوڙ ۾ شامل آهن.ڀارت هٿان بارڊر گواسڪر ٽرافي جي پهرين ٽيسٽ ۾ شڪست کائيندڙ ۽ دفاعي چيمپيئن آسٽريليا به ڏکيائين جو شڪار آهي، جڏهن ته ڀارت کانسواءِ نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا ۽ سريلنڪا به ان ريس ۾ شامل آهن.پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ڊبليو ٽي سي پوائنٽس ٽيبل تي 26 نومبر تائين ڀارت 110 پوائنٽس سان پهرئين جڏهن ته آسٽريليا 90 پوائنٽس سان ٻئي نمبر تي موجود آهي.ان فهرست ۾ سريلنڪا 60 پوائنٽس سان ٽئين، نيوزيلينڊ 72 پوائنٽس سان چوٿين ۽ ڏکڻ آفريڪا 52 پوائنٽس سان پنجين نمبر تي آهي. ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي موجودا صورتحال پنج ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ آسٽريليا کي شڪست ڏئي ڀارت ان فهرست ۾ پهرئين نمبر تي اچي ويو آهي، هاڻي ڀارت کي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پنهنجي جاءِ پڪي ڪرڻ لاءِ چئن مان ٽي ٽيسٽ ميچون کٽڻيون آهن. پرٿ ٽيسٽ ۾ ڀارت هٿان شڪست بعد آسٽريليا ٻئي نمبر تي هليو ويو آهي، پر ان باوجود ڪينگروز جي ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو فائنل کيڏڻ جي اميد برقرار آهي.جيڪڏهن آسٽريلوي ٽيم شيڊيول ڇهن مان پنج ميچون کٽي ورتيون ته هو لارڊز ۾ ايندڙ سال ٿيندڙ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري وٺندي.آسٽريليا لاءِ چار ٽيسٽ ميچون کٽڻ به ڪافي آهي پر پنجن کان گهٽ ٽيسٽ ميچو کٽڻ جي صورت ۾ آسٽريليا کي فائنل کيڏڻ لاءِ ٻين ٽيمن جي نتيجن تي ڀاڙڻو پوندو.اهڙي ريت سريلنڪا لاءِ به ايندڙ چار ئي ٽيسٽ ميچون کٽڻ لازمي هوندو، جيڪڏهن سريلنڪن ٽيم ٽي ٽيسٽ کٽي ٿي ته پوءِ ان کي به ٻين ٽيمن جي نتيجن جو انتظار ڪرڻو پوندو.ڀارت کي ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري نيوزيلينڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل لاءِ پنهنجون اميدون برقرار رکيون آهن، جيڪڏهن نيوزيلينڊ، انگلينڊ خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جون سڀئي ميچون کٽيون ته اِها فائنل تائين ڪواليفاءِ ته نه ڪري سگهندي پر فتح صورت ۾ ڪيويز وٽ هڪ بهترين موقعو موجود هوندو.ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم جيڪڏهن پنهنجون شيڊيول چار ئي ٽيسٽ ميچون کٽي ورتيون ته ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پروٽيز جي جاءِ پڪي ٿي ويندي، ٽن ڪاميابين ۽ هڪ ڊرا جي صورت ۾ به بووما اليون جي فائنل ۾ پهچڻ جا چانسز برقرار هوندا.انگلينڊ، پاڪستان، بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل جي ڊوڙ کان ٻاهر آهن، پر ڊوڙ ۾ شامل پنجن ٽيمن جي سلو اوور ريٽ سبب پوائنٽس گهٽجڻ جي صورت ۾ صورتحال يڪدم تبديل ٿيڻ جا امڪان پڻ موجود آهن.