دبئي (اسپورٽس نيوز): انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ جي انعامي رقم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ کٽندڙ ٽيم کي 16 لک ڊالر ملندا، جڏهن ته مجموعي طور تي انعامي رقم 38 لک ڊالر رکي وئي آهي، چيمپئن شپ جو فائنل هارائيندڙ ٽيم کي 8 لک ڊالر، جڏهن ته ٽئين نمبر واري ٽيم ڏکڻ آفريڪا کي سالانو 4 لک ڊالر ملندا، چوٿين نمبر تي رهندڙ انگلينڊ ٽيم جي اڪائونٽ ۾ ساڍا 3 لک ڊالرز ويندا، پنجين پوزيشن تي رهندڙ سريلنڪا جي حصي ۾ 2 لک ڊالرز هوندا، ڇهين نمبر تي نيوزيلينڊ ۽ ستين نمبر تي پاڪستاني ٽيم کي هڪ لک ڊالرز يعني (2 ڪروڙ 85 لک رپيا) انعامي رقم ملندي، اهڙيءَ طرح ويسٽ انڊيز ۽ بنگلاديش کي به هڪ هڪ لک ڊالرز ڏنا ويندا، واضح رهي ته ايونٽ جو فائنل انگلينڊ ۾ ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ (7 کان 12 جون) تائين کيڏيو ويندو.