ورلڊ سنڌي ڪانگريس ء جي ايم سيد ميموريل ڪاميٽي پاران رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي ١٢١ سالگراهه هيوسٽن، ٽيڪساس ۾ ملهائي وئي

0
79
ورلڊ سنڌي ڪانگريس ء جي ايم سيد ميموريل ڪاميٽي پاران رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي ١٢١ سالگراهه هيوسٽن، ٽيڪساس ۾ ملهائي وئي
ورلڊ سنڌي ڪانگريس ء جي ايم سيد ميموريل ڪاميٽي پاران رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي ١٢١ سالگراهه هيوسٽن، ٽيڪساس ۾ ملهائي وئي

آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر هيوسٽن ۾ گذريل رات سائين جي ايم سيد جي ١٢١هين سالگراهه ملهائي وئي، سنڌ جي زمينن تي قبضن، سنڌو دريا مان ٦ ڪئنال ڪڍڻ، هندن سان زيادتين، قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ، شهيد شاهنواز ڪنڀار ء ناظم جوکئي جي قتل، سنڌ ۾ منظم نموني مدرسن جو ڄار وڇائڻ ء مذهبي انتهاپسندي خلاف ء ٻاهرين ملڪن ۾ آباد سنڌين کي آسان سفري سهولتون ڏيڻ جون قراردادون منظور ڪيون ويون،  سنڌ جي ناليواري شاعر عبدالغفار تبسم خطاب ڪندي چيو ته اسان کي وساريل ورثو، تاريخ ء قومي شناخت ڏيڻ وارو سائين جي ايم سيد آهي. جنهن پنهنجي فڪر، نظرئي ء سياسي ء ادبي خدمتن عيوض پاڻ کي تاريخ ۾ امر ڪري ڇڏيو آهي . ان موقعي تي ورلڊ سنڌي ڪانگريس ء جي ايم سيد ميموريل ڪاميٽي جي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته سائين جي ايم سيد امن عالم، اتحاد انساني ء ترقي بني نوح آدم جهڙو شاندار فڪر ۽ عظيم نظريو ڏنو. سنڌ ھن وقت غلامي جي بدترين دور مان گذري رهي آهي. هڪ پاسي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زرخيز زمينون قبضا ڪري فوجين حوالي ڪيون پيون وڃن ته ٻي پاسي سنڌو درياء تي ڊيم ۽ ڇھ ڪينال ٺاھي سنڌين جي نسل ڪشي جو منصوبو جوڙيو ويو آهي.سنڌي ماڻهو تاريخي لحاظ کان پرامن، روشن خيال ء ترقي پسند رهيا آهن. هاڻي رياست هٿ وٺي سنڌ ۾ مدرسن جو ڄار وڇائي مذهبي انتهاپسندي کي هٿي ڏئي رهي آهي. جنهن جو تازو مثال عمرڪوٽ ۾ توهين رسالت جي آڙ ۾ پڙهيل لکيل نوجوان ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار کي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو. ٻي پاسي سنڌي هندن جي نوجوان نياڻين کي اغوا ڪري زبردستي سندن مذهب تبديل ڪرائي کين پنهنجو ديس ڇڏڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. رياست جي انهن سمورين حرڪتن جو مقصد صرف ء صرف سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري سنڌ مٿان قبضو ڪرڻ آهي. هنن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي وطن ء پنهنجي وجود جي بقا ء سلامتي خاطر رياست جي سمورن سنڌ دشمن فيصلن خلاف متحرڪ ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي. پروگرام ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس اڳواڻ ء قومي ڪارڪن مرحوم بشير شاهاڻي ميموريل ايڪٽوسٽ ايوارڊ ڪميونٽي اڳواڻ سرمد ميمڻ کي ڏنو ويو. سالگراهه تقريب ۾ ڊاڪٽر صغير شيخ، نامياري شاعر عبدالغفار تبسم، رحمان ڪاڪيپوٽو، فرحان سومرو، اميد لغاري، رفيق عباسي، نصرت سمون، پارس سيد ء پروفيسر سُريش ڀاوناڻي پڻ خطاب ڪيو. پروگرام آرگنائيزرز ۾ جي ايم سيد ميموريل ڪاميٽي جي ذاڪر بُلو، سرمد ميمڻ، عقيل پنهور، نور خاصخيلي، مسلم بڙدي، لياقت پنهور ء راجا ڏاهر جويو شامل هئا. سالگراهه ۾ هيوسٽن سميت آمريڪا جي مختلف رياستن مان وڏي تعداد ۾ سنڌي ڪٽنبن شريڪ ٿي سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا پيش ڪئي.