لاهور( اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ ڪواليفائر جي 10 هين ميچ ۾ بنگلاديش جي وومين ٽيم اسڪاٽلينڊ جي وومين ٽيم کي 34 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، خبر موجب بنگلاديش جي وومين ٽيم پهريان کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 275 رنسون اسڪور ڪيون،ڪپتان نگر سلطانه 83،فرگانه ۽ شميم 57-57 فاطمه 26 رنسون اسڪور ڪيون،اسڪاٽلينڊ طرفان ڪيٿرين 2، ريچل،ايبل،پرياناز ۽ فريزر هڪ هڪ وڪيٽ ورتي،جوابي اننگ ۾ اسڪاٽلينڊ جي وومين ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 242 رنسون ٺاهي سگهي،پرياناز ۽ ريچل 61-61 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيون،بنگلاديش طرفان ناهيده اختر 4 ، فردوس 2 ،معروفه ۽ ريبيه هڪ هڪ وڪيٽ ورتي،