مخدوم صاحب سياست جي باقاعده شروعات 1973ع کان ڪئي. هن سياستدان بڻجڻ کان 20 سال اڳ 1953ع ۾ شاعري جي دنيا ۾ قدم رکيو هو. سياست ۽ شاعري کيس وڏڙن کان ورثي ۾ ملي هئي ۽ هن پنهنجي وڏڙن جي ميراث تي ڪڏهن به ڇيهو رسڻ نه ڏنو ۽ ٻنهي شعبن سان ساهه جي آخري هڏڪي تائين ساٿ نڀايو. مخدوم صاحب سياست ۽ شاعري سان رومانس جي حد تائين پيار ڪندو هو. هن 1970ع ۾ هالا حويلي ۾ ذوالفقار ڀٽو سان پنهنجي والد محترم مخدوم محمد زمان ‘طالب الموليٰ’ جي موجودگي ۾ ساٿ نڀائڻ جو وچن ڪيو ته هن ان واعدي کي ٽن نسلن تائين نڀايو. ضياءَ جي ڪاري دور توڙي مشرف جي آمريت ۾ ڏاڍ، ڏهڪاءُ ۽ ڏمر توڙي لالچ ۾ اچي شهيد ڀُٽي جا ويجها ساٿي سندس نياٻيءَ جو ساٿ ڇڏي ويا، پر ان باوجود امين فهيم پنهنجي واعدي تي اٽل رهيو. پوءِ کيس وزارت، وڏ وزارت ۽ وزارت عظميٰ جون لالچون ڏنيون ويون پر هن انهن سڀني لالچن کي ٺڪرائي اهو واضح پيغام ڏنو ته هن پ پ سان وفا جو واعدو ٽوڙڻ لاءِ نه ڪيو هو، اهو ئي سبب هو جو محترما بينظير ڀٽو مٿس پختو اعتماد ڪندي هئي. 1977ع ۾ ضياءُ الحق سياسي پارٽين کي رجسٽرڊ ڪرڻ پئي چاهي ته پيپلزپارٽي جنرل ضياءَ جي ڪنهن به قدم کان بچڻ لاءِ پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جي نالي سان الڳ ڌڙو ٺاهي مخدوم امين فهيم کي چيئرمين مقرر ڪيو. مولانا ڪوثر نيازي ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي جنرل ضياءَ سان مفاهمت لاءِ تيار هئا پر مخدوم صاحب ان تي ڪڏهن به راضي نه ٿيو. ڀُٽي صاحب جي ڦاهي ۽ بينظير ڀٽو جي جلاوطنيءَ بعد پارٽي ۾ ڌڙابندي جو خدشو هو پر مخدوم صاحب اهڙي هر قسم جي سرگرمي کي روڪيو ۽ پارٽي سان گڏ بيٺل رهيو. 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ جمهوريت ۽ انسانيت دشمن بگهڙن هٿان محترما بينظير ڀٽو شهيد ٿي وئي، جنهن بعد عوامي حلقن ۾ اهو خيال ڪيو پئي ويو ته مخدوم صاحب کي پارٽي چيئرمين بڻائڻ سان گڏ کيس وزيراعظم پڻ بڻايو ويندو پر اهو ممڪن ته نه بڻجي سگهيو، ويتر امين فهيم جي جاءِ پارٽيءَ ۾ تنگ ٿيندي وئي. ڏسندي ڏسندي ننڍا وڏا اختلاف وڌي وڻ ٿي ويا ۽ پارٽيءَ ۾ ڪلهوڪا ٻار به مخدوم تي طنزيه انداز ۾ تبصرا ڪندا رهيا پر هالا جي سڳنڌ مٽي مان جنم وٺندڙ هن سرموڙ شاعر پنهنجي روحاني استاد لطيف سرڪار جي هن هدايت تي مڪمل عمل ڪري ڏيکاريو:
”هو چونئي تون مَ چئو، واتان ورائي“
مخدوم امين فهيم جي وفات بعد به سندس فرزند ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان وفا جي ان سلسلي کي اڳيان وڌايو. پارٽي قيادت مخدوم خاندان کي پارٽي اندر اهو مان ڏئي ها، جيڪو مخدوم خاندان جو حق هو پر ائين نه ٿي سگھيو، ضلعي مٽياري جي اندر مخدوم خاندان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڄاموٽن کي پ پ ۾ شامل ڪرايو ويو. ضلعي اندر ڪيترا ترقياتي ڪم ٿيا؟ اها سڀني کي خبر آهي. مخدوم جميل الزمان نيٺ هڪ ڏينهن اهو چوڻ تي مجبور ٿيو ته، “دعا ڪريو، آئون وزير اعليٰ ٿيان، ڇاڪاڻ ته وزيراعليٰ ئي پنهنجي ضلعي ۾ ڪم ڪرائي سگھي ٿو”. مخدوم صاحب جو اهو چوڻ ثابت ڪري ٿو ته مخدوم خاندان کي سياسي طور ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪيئن نه مٽياري ضلعي کي ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز ڪيو ويو آهي. چونڊن توڙي تازو ٿيل مڪاني چونڊن ۾ عوام مخدوم خاندان سان گڏ بيٺل رهيو. سنڌ حڪومت ۾ مخدوم جميل الزمان جي فرزند مخدوم محبوب الزمان کي روينيو کاتي جي وزارت ڏني وئي. ڏسڻ ۾ به اها وزارت تمام وڏي وزارت آهي پر ڪراچي جي سرگرم صحافين کي خبر آهي ته اهو کاتو نوابشاهه ۽ ٺٽي مان هلايو ويو. کاتي ۾ سيڪريٽري به پنهنجي مرضيءَ جو لڳايو ويو، هر تعلقي ۾ مختيارڪار به اتان جي سياستدانن جي مرضيءَ سان لڳايا ويندا هئا. مٽياري ضلعي کي ڪا وڏي اسڪيم، ڪا وڏي اسپتال ۽ ڪو وڏو ادارو به نه ڏنو ويو. ڀٽ شاهه ۾ صوفي يونيورسٽي جي نالي تي ايئن لڳي ٿو ڄڻ خالي عمارت اڏي وئي. لڳي ٿو ته اهو سڀ هٿ سان ڪيو ويو ته ضلعي جو عوام خفا ٿي وڃي يا مخدوم خاندان پاڻ خفا ٿي وڃي پر ان جي باوجود مخدوم امين فهيم جو خاندان اڄ به وفا جي تسلسل کي برقرار رکيو پيو اچي.
مخدوم خاندان کي ان وفا، صبر ۽ برداشت جو ڪهڙو صلو مليو؟ اڄ مخدوم صاحب جي اٺين ورسي آهي، ڇا مخدوم صاحب جي پنهنجي پارٽي اندر ڪنهن کي ياد آهي ته اڄ ان قدآور شخصيت جي ورسي آهي، جنهن پارٽي کي آمريتي دورن ۾ ڌڙابندي کان بچايو، جنهن پارٽي کي مفاد پرستن کان بچايو، جنهن محترما بينظير ڀٽو جي جلاوطني دوران پارٽي کي سنڀاليو. ڪيڏو نه بهتر ٿئي ها ته اڄ هالا ۾ پيپلزپارٽي طرفان ورسي تقريب ٿئي ها، خود چيئرمين بلاول ڀٽو ورسي تقريب ۾ خطاب ڪري مخدوم صاحب جي سياسي خدمتن جو اعتراف ڪري ها پر موجوده طرز سياست ۾ اهو هاڻي ناممڪن بڻجي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ هي جيڪا سياست ٿي رهي آهي، ان کي ڀلا پاڻ سياست ڪيئن چئون؟ جنهن ۾ اخلاقيات جو ڪو نالو نشان ئي نه هجي، جنهن ۾ نظرياتي ڪارڪنن جو ڪو والي وارث ئي نه هجي. صرف موجوده دور ۾ نه پر هر دور ۾ نظرياتي ڪارڪن ايئن نظرانداز رهيا، جيئن خود سياسي سياسي پارٽين اندر ‘نظريو’ نظرانداز هوندو آهي پر مخدوم صاحب ڪو عام ڪارڪن ته نه هو. مخدوم امين فهيم پنهنجي والد محترم مخدوم محمد الزمان ‘طالب الموليٰ’ جي چوڻ تي پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي، پاڻ سڄي سياسي ڪيريئر ۾ ناقابل شڪست رهيو، پر مخدوم خاندان جي ان وفا کي نظر انداز ڪيو ويو.
اردو جي نامياري شاعر احمد فراز جو خيال آهي ته:
ڪِسي بيوفا ڪي خاطر يه جنون فراز ڪب تڪ،
جو تمهين ڀُلا چڪا هي، اسي تم ڀي ڀول جائو.
پر مخدوم امين فهيم احمد فراز سان اتفاق نٿو ڪري، مخدوم چواڻي:
بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي
عشق جي انتها ڪري ڏسبي
هي خطا بارها ڪري ڏسبي
بهرحال، اڄ مخدوم صاحب جي ورسيءَ تي کيس سندس ئي لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪريون ٿا:
فسانو شبنم غمگين جي اشڪ ريزي جو،
جڏهن گل ئي نه ٿو سمجھي ته خارن کي خبر ڪهڙي.