ورسيءَ جي مناسبت سان … شعور جا ڏِيئا ٻاريندڙ غلام حسين رنگريز

0
50
ورسيءَ جي مناسبت سان ... شعور جا ڏِيئا ٻاريندڙ غلام حسين رنگريز

  1970ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ قومي تحريڪ عروج تي هئي ته ان وقت جتي سنڌ ۾ مڻيادار سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ پيدا ٿيا، اتي نالي وارن قومي اديبن ۽ شاعرن پڻ جنم ورتو. انهيءَ دور ۾ خاص ڪري لاڙ پٽي واري علائقي ۾  قومي شاعرن جي هڪ ٽمورتي محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي ۽ سرويچ سجاولي جي صورت ۾ ظاهر ٿي، جن شيخ اياز جي شاعري سان گڏ ملي سڄي سنڌ ۾ قومي اڀار آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. لاڙ پٽي نه صرف شاعرن جي ٽمورتي پيدا ڪئي، پر اتي قومي ۽  ترقي پسند خيالن جي سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جو  هڪ وڏو تعداد پڻ اڀري سامهون آيو، انهن سياسي ڪارڪنن جي جدوجهد، همت ۽ مردانگي جي ڪري بٺورو شهر سنڌ جو ويٽنام سڏجڻ لڳو، انهيءَ سٿ ۾ هڪ نالو غلام حسين رنگريز جو پڻ شامل آهي.غلام حسين رنگريز جو جنم 18 اپريل 1945ع ۾ بٺوري شهر ۾ شفيع محمد کٽي جي گهر ۾ ٿيو. غلام حسين رنگريز پرائمري تعليم بٺوري مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ باقي تعليمي سفر حيدرآباد جي سچل ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽي مان پورو ڪيو. رنگريز 1968 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽر آف آرٽس جي ڊگري حاصل ڪئي. ماسٽرس جي ڊگري وٺڻ کانپوءِ بہ هن تعليم حاصل ڪرڻ جو سفر جاري رکيو، ائين پاڻ 73-1972ع ۾ ماسٽر آف ايجوڪيشن (M.Ed) ۽ 1974 ۾ وڪالت جي ڊگري  حاصل ڪئي. غلام حسين رنگريز پنهنجي زندگي جي سفر جي شروعات 1963ع ۾ پرائمري استاد طور ڪئي پوءِ پنهنجي خداداد صلاحيتن جي بنياد تي ترقي ڪندو ڪاليج ۾ ليڪچرار ۽ بٺوري ٽريننگ ڪاليج جو وائيس پرنسپال پڻ رهيو. 1994ع ۾ وقت کان پهرين نوڪري مان رٽائر ٿي وڪالت شروع ڪيائين.  آخري وقت ۾ جڏهن مشڪلاتن، تڪليفن هن جي گهر جو دروازو ڏسي ورتو ته ان وقت هن جي ويجهن پڻ اڏار ڀري انهيءَ صورت حال کي رنگريز پنهنجي شاعري ۾ هنن لفظن ۾ ڇٽيو آهي.

زندگي گذري آ حال زار ۾،

پوءِ وفا لڀجي نٿي ڪنهن يار ۾،

ڀوڳنا جي هر سفر ۾ هيڪلو،

من ويڳاڻو رهيو ٻڏ تار ۾..

رنگريز سان منهنجو تعلق ڪافي دير سان ٿيو، ان وقت هو زندگي جي مشڪل دور مان گذري رهيو هو، پر مون هن کي ڪڏهن مايوس نه ڏٺو. هو ڪڏهن به ڪنهن به ويجهي دوست يا عزيز کي ڪا به ميار نه ڏيندو هو، حالانڪه هن جي شاعري مان اها ڪيفيت صاف پسي سگهجي ٿي، جيئن ته چيو اٿس ته:

هي شهر سمجهي سگهيو نه توکي

نه ڪائي ان تي ميار رکجان

يا

اڙي شهر تنهن جي ڳلين کي ڇڏيوسين

۽ روئيندڙ اکين سان کلندڙ دلين کي ڇڏيوسين.

رنگريز جتي وڏو تعليمدان هو، اتي هو وڏو اديب پڻ هو، ادب ۾ نثر توڙي شاعري ۾ هن جا ڪافي ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ (1) سرمد ڇا ٿو سوچي؟ (2) وکر سو وهاءِ، (3.) غلام جا ٽهڪڙا، (4) ورق ورق زندگي، (5) خانه بدوش روح جي ڪٿا (آتم ڪٿا)، (6) رهيو روح رباب (آتم ڪٿا)، (7) سونهن سهائي ۽ رڃ، (8) اکين اڃ ٻار (شاعري)، (9) فن تحرير جي تاريخ (ترجمو) (10) مقبرن جي پٿرن تي اڪريل تاريخ (ترجمو)، (11) تصوف هڪ تحريڪ، 12. جهروڪن مان جهاتيون. هو ڪافي اڻ ڇپيل مواد پٺيان ڇڏي ويو آهي، جيڪڏهن ان جي سنڌ جي شعور طرفان مالڪي نه ڪئي ويئي ته اهو انمول مواد وقت گذرڻ سان گڏ ضايع ٿي ويندو. رنگريز غزل گو شاعر هو، هن جي شاعري ۾ جتي محبوب جي اکين جو ذڪر آهي اتي هن جي سنڌ واسين سان بيپناهه محبت پڻ ڏسڻ ۾ ملي ٿي. جيئن ته چيو اٿس.

سنڌ ته آهي جند اسان، جي تنهنجي اندر غير وسي ٿو.

رنگريز جي شاعري رسول حمزہ توف طرفان شاعري لاءِ ڪيل وصف تي پوري نظر اچي ٿي، جنهن ۾ حمزہ توف چيو ته “شاعري وطن جي ڌرتي ۽ مٽي ۽ پنهنجي اجهي ۽ گهر کانسواءِ ائين آهي جيئن پاڙن بنا وڻ ۽ آکيري کانسواءِ پکي”.

غلام حسين رنگريز جڏهن وڪالت ڪندو هو ته هن ڏٺو ته ڪورٽن ۾ ماڻهو ڪلمو پڙهي ڪوڙي شاهدي ڏيئي ويندا آهن ۽ وڪيل ڌنڌي (Profession) جي آڙ ۾ سچ کي ڪوڙ ثابت ڪرڻ ۾ رڌل هوندا آهن. انهيءَ ماحول کان تنگ ٿي هن پنهنجي ڪتاب “ورق ورق زندگي” ۾ لکيو ته، “چو ڏسائون چورن چڪارن، ٺڳن، بي وسن ۽ بي سمجهن جو راڄ آهي. ضمير جي تلاش ڪندڙن کي هن سماج ۾ ديوانن جي قطار ۾ شمار ڪيو ويندو آهي ۽ سيکاريو ويندو آهي ته آهي ته ائين ڪريو، جيئن جڳ جي ريت آهي. اجايا سجايا خواب لهڻ ڇڏي ڏيو اهڙي صورت حال ۾ ڪو جيئي ته ڪيئن جيئي“.

قومي سفر جي سٿ کي ساريندي، رنگريز پنهنجي آتم ڪٿا ”رهيو روح رباب“ ۾ لکيو آهي ته انهيءَ سٿ ۾ تمام گهڻا ماڻهو شريڪ ٿيا، ان ۾ ڪي اهڙا به هئا جن پنهنجون جوانيون آجپي جي حاصلات لاءِ گذاري ڇڏيون، انهن ۾ ٿر سان واسطو رکندڙ عبدالواحد آريسر جو ذڪري ڪندي لکيو اٿس، هن جو سن سان واسطو اسان کانپوءِ ٿيو، پر هن جي ذهانت ۽ قابليت جي ڪري هو قومي تحريڪ جو اڳواڻ ٿي ويو. لکيو اٿس ته “قومي فڪر جي حوالي سان سنڌ جي تاريخ ۾ سندس مقام اهو رهيو آهي جيڪو ڪارل مارڪس جي فڪر جي تعبير ۽ ترجماني ۾ لينن جو هو، جيتوڻيڪ آريسر لينن جيئن ملڪ ۾ انقلاب ته نه آڻي سگهيو، پر سيد جي فڪر کي واهڻ واهڻ وستي وستي پهچائڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيو” اڳتي اهو به لکيو اٿس ته هن (آريسر) پنهنجي قلم کان اهو ڪم ورتو جيڪو اسپين جي لورڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي پئبلو نرودا پنهنجي لکڻين کان ورتو هو”. قومي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ ڪري رنگريز جتي جيل ۾ واڙيو ويو اتي هن ٻيون بہ ڪيترين اذيتن ۽ پريشانين کي پڻ منهن ڏنو. رنگريز جيئن ته سرڪاري نوڪري ۾ هو، انهيءَ ڪري هن کي سزا طور سنڌ جي ڏورانهن علائقن ڏانهن بدلي ڪيو ويو.

رنگريز سماج ۾ پکڙيل گهگهه اونداهي ۾ روشني ڪرڻ لاءِ پنهنجن هٿن تي ڏيئا ٻاريا، هن گل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنڊيدار ٻيلا لتاڙيا، جتان گلن جي بجاءِ هن کي ڪنڊا مليا، انهيءَ تي بي اختيار ٿي چيائين:

ڪي درد هئا جن  ڏات ڏهوڻي ڪئي

تنهنجا ته پرين احسان لکين آهن

ٻئي هنڌ چيو اٿس ته:

هن دکي دل تي رکي هٿ، ماجرا مون کان پڇو،

زندگي گذري ٿي ڪيئن، توکان سواءِ مونکان پڇو.

غلام حسين رنگريز 89-1988ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو، ان وقت سنگت ۾ اندروني اختلاف هئا، انهيءَ ڪري ڪنهن اهڙي ماڻهو جي ڳولا ڪئي ويئي، جيڪو غير متنازع هجي. عبدالواحد آريسر ۽ قاسم پٿر جي نظر رنگريز تي پئي، ٻنهي جي زور ڀرڻ تي سائين رنگريز فارم ته ڀريو پر اليڪشن جو ورڪ نه ڪيو. رنگريز جي سامهون تاج جويو جيڪو ان وقت سنگت جو سيڪريٽري جنرل هو، اميدوار هو. تاج ڪٿي لکيو آهي ته آئون  شيخ اياز سان ملڻ لاءِ ابراهيم جويو جي جڳھ تي ويس ۽ مون انهن سامهون اها ڳالهه رکي ته آئون رنگريز جي مقابلي تان هٿ کڻان ٿو ته جيئن هو بنا مقابلي چونڊجي اچي. اياز ان جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته متان سنگت غلط هٿن ۾ نه هلي وڃي پر جويو صاحب ان ڳالهه جي حمايت ڪئي، ائين تاج رضا خوشي سان مقابلي تان هٿ کڻي ويو ۽ رنگريز بنا مقابلي سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو. رنگريز ابراهيم جويو جي اميدن تي پورو لٿو ۽ هن جنهن نموني سان سنگت کي هلايو، ان جي دنيا شاهد آھي. اها حقيقت آهي ته رنگريز کان پوءِ سنگت اڄ تائين اندروني خلفشار جو شڪار آهي.