20 سيپٽمبر، تاريخ جي سِيني ۾ هڪ اهڙو گهاءُ آهي، جيڪو سدائين دُکندو رهندو. ان ڏينهن تي 1996ع ڌاري ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي موڀي پٽ ۽ شهيد ڀٽو پارٽيءَ جي روح روان مير مرتضيٰ ڀٽو کي پنهنجي ئي ديس ۾ گوليون هڻي بيدرديءَ سان شهيد ڪيو ويو.
مير مرتضيٰ ڀٽو هڪ مخلص، بيباڪ، سچو ۽ کرو سياستدان هو. هُو ٻين سياستدانن کان منفرد هو. سنڌ بابت سندس موقف ٻين سياستدانن کان الڳ ۽ چِٽو هوندو هو. پ پ جي 93ع واري حڪومت دوران مصطفيٰ کر واپڊا جو وفاقي وزير هو، تنهن کي اچي شوق ٿيو ته ڪالاباغ ڊيم هر صورت م ٺاهيو ويندو. جتي ڪٿي پيو اهو کٽراڳ آلاپيندو هو. سندس ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ واري اعلان کانپوءِ پوري سنڌ ۾ ڊيم مخالف تحريڪ شروع ٿي وئي. مير مرتضيٰ ڀٽو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، “ڪنهن به صورت ۾ ڪالاباغ ڊيم نه ٺهڻ ڏنو ويندو. سنڌو درياهه جي حفاظت جي لاءِ بندوق کڻڻ جي ضرورت پئي ته اها به کڻندس. جيڪڏهن کر کي شهيد يا غازي ٿيڻ جو ايترو ئي شوق آهي ته ڪشمير وڃي ۽ اُتي اهو پنهنجو شوق پورو ڪري”. سنڌ جي گڏيل سياسي دٻاءَ کان پوءِ کر کي پوئتي هٽڻو پيو.
اهڙي طرح مير صاحب سنڌ جي هر ان مسئلي بابت گهڻي ڀاڱي واضح موقف رکندو هو، جنهن سان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي هاڃو رسندو هو. هُو وڏي سياسي جدوجهد جو وڏو سلوگن هو. هڪ اهڙو سلوگن، جيڪو رياست جي چڪيءَ ۾ پيسجندڙ مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن لاءِ اُتساهه هو. هُو سرعام چوندو هو ته، “جاگيردار طبقي جي هڪ هٽي کي ختم ڪيو ويندو ۽ ان جي جاءِ تي غريب ۽ مخلص ڪارڪنن کي اڳتي آندو ويندو”. ڪافي تقريرن ۾ ته جذباتي انداز سان چوندو هو ته، “انهن وڏيرن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندس، جن عوام سان دوکو ڪيو آهي. انهن کي جيل ۾ بند ڪري چاٻي درياهه ۾ اُڇلي ڇڏيندس”. منجهس اها به خوبي هئي ته هو پنهجن ڪارڪنن سان بيحد پيار ڪندو هو. ڪارڪنن جي وچ ۾ پاڻ کي محفوظ سمجهندو هو. ڪارڪن جيڪڏهن نوڙي ساڻس ڀاڪر پائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته، جيترو هُو پاڻ قدآور هو، اوترو ئي جُهڪي کين کِيڪاريندو هو.
مير مرتضيٰ پنهنجي سياسي سفر ۾ جيڪا به ڳالهه ڪئي، ان ۾ مڪمل سچائي شامل هئي. هن رُڳو پنهنجين تقريرن ۾ هارين ۽ مزدورن جي حقن جي ڳالھ نه ڪئي پر عملي طور تي به اُنهن سان گڏ بيٺل رهيو. اهو ئي سبب هو جو سرمائيدار توڙي جاگيردار کيس پسند نه ڪندا هئا. سندس سياسي جدوجهد ملڪ اندر حقيقي عوامي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ هئي، جنھن جو ميوو به عوام کي ئي حاصل ٿئي ها. ڇو ته هُو بخوبي اهو ڄاڻي پيو ته جمهوريت جو ميوو اپر ڪلاس ۽ اسٽيبلشمينٽ کائي رهي هئي، تنهن ڪري ان ظالم طبقي خلاف سياسي جدوجهد ڪري رهيو هو. جنهن سبب کيس انهن ظالم قوتن سازش تحت سندس رستا روڪ ڪئي ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کيس بند گلي ۾ ڦاسائڻ جي لاءِ منصوبا جوڙيا. جنھن جي نتيجي ۾ پنهنجي وزيراعظم ڀيڻ جي حڪومت ۾ کيس گرفتار ڪرڻ جي بهاني سان پنهنجي گهر جي ڀرسان رستا روڪ ڪري، ڪُوڙو مقابلو ڄاڻائي کيس پنهنجن ساٿين سان گڏ شهيد ڪيو ويو.
مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت سان سنڌ جي عوام کي بهادر قيادت کان محروم ڪيو ويو ۽ ان ڏينهن کان انهن ئي قوتن محترمه شهيد بينظير ڀٽو کي به ڪمزور ڪري ڇڏيو هو پر اها ڳالهه گهڻن ماڻهن کي ان وقت سمجهه ۾ نه آئي. اڳتي هلي جڏهن محترمه شهيد بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ته ان وقت اها ڳالهه نه رڳو ماڻهن کي سمجهه ۾ آئي پر ٻنهي ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي شهادتن کين جهنجهوڙي ڇڏيو.
هونئن ته دنيا جي هر مظلوم پر خصوصي طور تي سنڌ جي مظلوم ماڻهن لاءِ مير مرتضيٰ ڀٽو ڇپر ڇانوَ هو. جتي به ۽ جنهن به غريب ماڻهوءَ سان ظلم ٿيندي ٻڌندو هو، اتي ان وٽ پهچي ويندو هو. قومن کي اهڙا مخلص سياستدان ڪڏهن ڪڏهن نصيب ٿيندا آهن. بقول شاعر عبدالحڪيم ارشد جي:
اي ڌرتي تو وٽ وڻجارو هر روز نه مهمان بڻبو آ،
ورهين کان پڄاڻان ايندو آ موتين کي ورهائي ويندو آ،
ملڪي حالتن کي ڏسجي ته اڄ به اهي ئي ساڳيون آهن، جيڪي مير مرتضيٰ ڀٽو جي دور ۾ هيون. ڪجهه به نه بدليو آهي. بدليو آهي ته صرف وقت. باقي هر شئي ساڳي آهي. اڄ به غريب ۽ مسڪين ماڻهو ظلم ۽ جبر جي جَنڊَ ۾ پيسجي رهيو آهي. اڄ به سنڌ جي ماڻهن خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن. هڪ پاسي سنڌ جي سون جهڙين زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن، ٻئي طرف وري سنڌو درياهه مٿان نوان ڪئنال ٺاهڻ جي سازش جوڙي وئي آهي، جنهن مطابق ارسا ايڪٽ کي بدلائي پنجاب جي زمين آباد ڪرڻ جا منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن. تڏهن نه مير مرتضيٰ ڀٽو آهي، نه محترمه بينظير ڀٽو آهي، نه رسول بخش پليجو زنده آهي ۽ نه وري بشير قريشي زندهه آهي. ان ڪري اڄ جي هن ڏکي صورتحال ۾ سنڌ جي عوام کي پنهنجي گڏيل قومي شعور سان اجتماعي جدوجهد ذريعي سنڌو درياهه ۽ پنهنجي زمينن جي حفاظت ڪرڻ جي ضرورت آهي. تنهنڪري اڄ مير مرتضيٰ ڀٽو جي ورسيءَ جي موقعي تي سندس پارٽيءَ جي ڪارڪنن توڙي سنڌ جي قومي تحريڪ کي اهو وچن ڪرڻ گهرجي ته، ڪنهن به جابر اڳيان نه جُهڪڻو آهي ۽ نه ان جي آڻ مڃڻي آهي. شهيدن جي سياسي جدوجهد کي زندهه رکيو ويندو ۽ هر قسم جي قرباني ڏئي پنهنجا حق حاصل ڪيا ويندا.