نئين دهلي (شوبز نيوز) سائوٿ انڊين سپر اسٽار وجي ديورا ڪونڊا پنهنجي رشتي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، جنهن سان سندس ۽ رشميڪا مندانا وچ ۾ عرصي کان هلندڙ ڊيٽنگ جي افواهن کي وڌيڪ هوا ملي آهي، وجي تازي انٽرويو ۾ اهو اعتراف ڪيو ته اهو ڪنهن رشتي ۾ آهي، هڪ پروگرام دوران جڏهن کانئس پڇيو ويو ته اهو سنگل آهي يا ڊيٽنگ ڪري رهيو آهي، ته هن مسڪرائيندي چيو ته “تمام گهڻي”، وڌيڪ اصرار ڪرڻ تي هن کلندي جواب ڏنو، “مان 35 سالن جو آهيان، اوهان کي لڳي ٿو ته مان سنگل آهيان؟”، جڏهن ته هن پنهنجي ساٿي اداڪاره جو نالو وٺڻ کان انڪار ڪيو، پنهنجي نئين گاني “صاحبه” جي پروموشنز دوران وجي محبت جي باري ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، هن چيو ته “محبت سان گڏ اميدون اينديون آهن، مان غير مشروط محبت کي نٿو ڄاڻان، اهو قدرتي آهي ته انسان محبت ۾ ڪجهه اميد رکي، واضح رهي ته رشميڪا مندانا سان گڏ وجي جي لاڳاپن جون خبرون ڪافي عرصي کان گردش ڪري رهيون آهن.