واھ جمھوريت تنھنجا جلوه !!

0
29
واھ جمھوريت تنھنجا جلوه !!

 ڪجھ زرداري زادن دانشورن، اديبن، صحافين، شاعرن، ساڃاهه وندن ۽  سامجوادين  وٽ سدائين ھڪڙي ئي  بي سُري بانسري وڄندي رھندي آھي ته “پ پ وري به ٻين جي ڀيٽ ۾ سيڪيولر ۽ جمھوريت پسند پارٽي آهي. زرداري وري به سنڌي آھي ۽ سنڌ ۾ سُڃ لڳي پئي آھي، ڪو ٻيو  آپشن به ڪونھي!” سو سندن نام نھاد “بيسٽ آپشن” موجوده حڪومت جي سترنهن سالا حڪمراني جي شاندار ڪارڪردگيءَ کي في الحال ويڙھي وھاڻي ھيٺ  رکي، رڳو سندس تازي ڪارگذارين جي ٿورڙي جَھلڪ پسَي ٻُڌايو ته پيپلز پارٽي واقعي سيڪيولر جمھوري ۽  سنڌين جي ھڏ ڏوکي  پارٽي آھي؟ يا اها پارٽي جيڪا پنھنجا ئي ٻچا کائي رھي آھي؟

                 ڪجھ ڏينهن اڳ موري ۾ سنڌو درياھ ۽ زمينن جي نيلامي خلاف ھنيل پُرامن ڌرڻي تي سڌيون گوليون هلائي ٻه نوجوان شھيد ڪري لاش کي به ‘گرفتار’ ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته، “اھي دھشتگرد مُئا…..” ۽ ايئن به چيو ويو ته، “اھي را جا ايجنٽ ھئا ۽ انھي واقعي ۾ انڊيا جو ھٿ آھي”. انھي بي بنياد بُھتانَ بھاني سنڌ سرڪار جي حُڪم تي سوين پوليس وارن ۽ رينجرزس جي سخت گھيري ۾ بجراڻي لغاريءَ جي سڄي ڳوٺ کي  ڪڙو چاڙهي بي گناھ ماڻھن تي تمام گهڻو تشدد ڪري کين گرفتار ڪري انھن تي  مختلف علائقن ۽ مختلف ٿاڻن تي منشيات فروشي، دھشتگردي ۽ الائي ڪھڙا، ڪھڙا الزام مڙھي ڪيس داخل ڪيا ويا آھن.

قلم 144 لاڳو ڪري ماڻھن کي محسور بنايو ويو آھي، ايستائين جو “شورس زدہ علائقہِ”  ڄاڻائي  بجلي ۽ موبائيل نيٽورڪ بند ڪري بليڪ آئوٽ  ڪيو ويو. اھڙي صورتحال ۾ ماڻھن کي دلداري ڏيڻ ۽ ساڻن گڏ بيھڻ جو احساس ڏيارڻ لاءِ جڏهن بجراڻي لغاريءَ ۾  رونما ٿيل ڌرڻي واري سانحي، پوليس ۽ سرڪاري سرپرستيءَ ۾ خانگي دھشتگردي خلاف ايس يو پي جي ھٿين خالي ڪارڪنن پُرامن احتجاج ڪيو ته انھن خلاف به ايف آءِ آرون داخل ڪيون ويون آھن.

رڳو موري سان ئي ھِيءُ ھاڃو ڪونهي ٿيو پر  تازو  عمرڪوٽ ٿاڻي ويجھو صوفي فقير ۾ ڪنھن جيالي ڀوتار جي مسڪين عورتن تي ڪيل بدترين تشدد خلاف انھي ڀوتار خلاف ڪو ڪيس داخل ڪرڻ بدران ان ئي ڀوتار جي بڇَ  تي مسڪين عورتن  تي گھرن ۾ گِھڙي  نه رڳو تشدد ڪيو ويو آھي، گھرن کي گھيراءُ  ڪيو ويو آھي، پر مُرڳو مٿن ئي ڪيس  داخل ڪيا ويا آھن. ڪراچيءَ ۾ صدين کان رھندڙ سنڌين جون سَنديون قديمي وسنديون ڊاهڻ  شروع ڪيون اٿن. اڳ ۾ عبدالله ڳوٺ ۽ ھاڻي يونس ڳوٺ تي سرڪار، پوليس ۽ ٻي فورس سان ايئن چڙھائي پئي ڪري ڄڻ ڪنھن “علائقہ غير” کي فتح پئي ڪري. بلڪل ايئن  جيئن فلسطين ۾ اسرائيلي فوج مظلوم ۽ محڪوم فلسطين جي عوام سان ڪري رھي آھي ۽ جيئن ڪشمير  ۾ ڀارتي سرڪار ڪري رھي آھي. سنڌ سان به ساڳيو سلوڪ ۽ ساڳيو ظلم جاري آھي، نھايت ئي بربريت ۽ تذليل سان ڌرتي ڌڻين کي بي گھر ڪيو پيو وڃي، پر اھو سڀ ڪجھ سنڌين جي پنھنجي چونڊيل پارٽي پئي ڪري يا ڪَرائي رھي آھي، فقط اسٽيبلشمينٽ کي خوش ڪرڻ لاءِ ته جيئن بلاول وزيراعظم ٿي سگھي ۽ پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ تاحيات ڪرپشن جي ڪيسن کان بچيل رھن. ھيءَ اقتدار جي اھڙي “اُلي” آھي، جنھن جو  دنيا ۾ ڪو علاج ئي ڪونهي! اُترَ سنڌ جي عوام جا “تنجڻ تپائڻ” ۽ انھن لاءِ ڌرتي ٽامون بنائڻ خاطر ڌاڙيلن کي پوليس، ڀوتارن ۽ رياستي اداران جي سرپرستيءَ ھيٺ جديد ھٿيارن سان ليس ڪري ڪچي ۾ لاٿو ويو آھي ۽ رياستي رٽ  اتان روپوش ٿي وئي آھي، يا ڌاڙيلن جي سھولت ڪاري خاطر ڄاڻي واڻي بي اثر بنائي  وئي آھي، ۽ اھا نام نھاد رياستي رٽ رڳو سنڌ جي مظلوم ۽ مسڪين عوام تي ئي پنھنجي مردانگي آزمائي رھي آھي. جڏهن ته ڌاڙيلن کي  انٽرنيٽ جي سھولت ۽ جديد ھٿيار ڏيئي فيسيلٽيڊ ڪيو ويو آھي ته جيئن سنڌ جي عوام کي وطن دوستيءَ ۽  جمھوريت پسنديءَ جي سيکت ڏيئي  سگھجي. ۽ جيڪڏهن  ڪا سنڌ ۾  مزاحمتي تحريڪ اُڀري ته اُنھي کي انھن پاليل ڌاڙيلن معرفت ئي چيڀاٽي سگھجي. نه ته ڇا سبب آهي جو، سرڪار ۽ رياستي ادارا جيڪي سمنڊ جي تري مان به سُئي  ڳولھي ٿا لھن، انھن جي رياستي رٽ ھنن ڌاڙيلن اڳيان ايتري بيوس ۽ لاچار ڇو لڳي پئي آھي؟

ھوڏانھن ٺٽي ضلعي ۾ پوليسارن  سرڪاري ڌُر جي ھُشيءَ تي سياسي مخالفن لاءِ رڻ ٻاري ڏنو آھي. آئي ڏينهن عوام جي اباڻن اجھن تي حملا ڪرڻ، گرفتاريون ڪرڻ ۽ انھن جي ذاتي  زمينن تي قبضا ڪرڻ  شروع ڪري ڏنا آھن. سنڌ حڪومت جي حامين مان ڪو ٻڌائي سگھندو ته ڇا ھيءُ سڀڪجهه “جمھوريت بھترين انتقام آھي” جي مِشن جي تڪميل پئي ٿئي يا  اسٽيبلشمينٽ اڳيان پاڻ وڻائڻ جي ولگر پريڪٽس پئي ٿئي؟  ته جيئن سنڌ ۾ سندن استمراري اقتدار کي ڪا لھر ۽ لوڏو نه اچي ۽ ھي سنڌ جي ھِنيئين تي سدائين مُڱ ڏريندا رھن.

ھونئن ته  ھنن “مرد مجاھدن” جي مسڪين ۽ مظلوم سنڌي عوام تان سدائين ڪاوڙ ۽ ڪروڌ لھي ئي ڪانه ٿي، پر انھن جي وري مذهبي انتهاپسندن اڳيان دال ڳري ئي ڪانه ٿي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو ميرپور خاص ۾ مينگو فيسٽيول ۾ ھڪڙي انتھا پسند ڌر جي   ڌمڪين کان ڊڄي  رقص، ميوزڪ، ملاکڙو،  ڇوڪرين جي سائيڪل ريس ۽ ڳائڻ وڄائڻ تي پابندي مڙهي انتهاپسنديءَ کي ھٿي ڏني وئي آھي، الائي سيڪيولر ھئڻ جو ثبوت ڏنو ويو آهي؟.

حيدرآباد ۾ سنڌ ميوزيم پارڪ (جيڪا پبلڪ پراپرٽي آھي) اندر  اسٽيڊي سرڪل تي  به بندش ھَنئي وئي آھي. خانه بدوشن جي پروگرامن تي بندش کي ته ڇڏيو کڻي پر اسٽڊي سرڪل سينٽر تي پڙھڻ  ۽ پڙھائڻ تي به اھو چئي پابندي لڳائي وئي آھي ته ھتان پڙھي نڪرندڙ “اينٽي اسٽيٽ” بڻجي نڪرندا ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياھ تي ڌاڙي خلاف  ڌرڻا ھڻندا! پُرامن احتجاج تي بندش، اظھار راءِ تي بندش، پڙھڻ ۽ پڙھائڻ تي ڪرفيو، پنھنجي حقن لاءِ آواز بُلند ڪرڻ وارن تي گوليون! واھ جمھوريت تنھنجا جلوه!  پر ڌاڙيلن کي آزادي، قبضا گيرن کي ڪا جھل نڪا پل، منشيات فروشن کي سرڪاري سرپرستي حاصل، اغوائن جي انڊسٽري اوجَ تي، ڪرپشن ۽ ڪرمنلز مافيائن کي سرڪاري پروٽوڪول مليل، مطلب ته ڏاڍو سو گابو واري ڪار لڳي پئي آھي.

بي لغام لاقانونيت، ملاوٽ ۽ منافعي خوري، ڌنئوري ڏينهن ڌاڙا، چوريءَ مگر سينا زوريءَ جي بازار  بنگلي سان لڳل آھي! انصاف اڻلڀ، وسيلا نيلام، ڌرتي ڌڻين جي پيرن هيٺان زمين کسڪائي پئي وڃي، انھن کي بي گھر ۽ دربدر ڪري ريڊ انڊين بنايو پيو وڃي. ڌارين دھشتگردن کي سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌ جي جاگرافي ۽ ڊيموگرافي تبدل ڪئي پئي وڃي.

وڏيرا، پير، مير، ڌاڙيل، ڌاريان دھشتگرد سڀئي پيپلز پارٽيءَ جي شيلٽر ھيٺ محفوظ آھن!  غير محفوظ ۽ لاورث آھن ته رڳو سياسي مخالف يا مسڪين ۽ مظلوم سنڌي، جن جو ڌڻي نڪو سائين! سنڌ جي حڪمران ڌُر جي بدترين آمريت کي اڃان ڪي ٻيا سڱ نڪرندا ڇا؟ حڪمران جماعت جَي جمھوريت جو ھيءُ آمراڻو ۽ انتھا پسند چھرو سندس وڪالت ڪندڙ ونگاري واٺن کي ڇو نه ٿو نظر اچي؟ جيڪي سدائين قومپرستن تي “اُکڙيءَ ڪُھاڙيءَ” ايندا آھن ۽ سنڌ جي ترقي پسند، وطن دوست پارٽين جي “مکڻ مان وار” ڪڍڻ جا ته وڏا آڙيڪاپ آھن، پر پنھنجي پسنديده پارٽيءَ جَي پرڪارن تي “ڪک رکڻ” کي ئي حقيقت پسندي ۽ جمھوريت پسندي سمجھن ٿا.