نوابشاهه/سڪرنڊ (نمائندن وٽان) ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ تباهه ٿي ويندي، واڳ ڌڻين کي جيڪڏھن ملڪ هلائڻو آهي ته اهڙا منصوبا ختم ڪرڻا پوندا، ڪئنالز وارو منصوبو رد نه ٿيو ته پنجاب جا رستا بند ڪيا ويندا، نوابشاهه ۾ 6 ڪئنالز ڪڍڻ خلاف ايس ٽي پي جي جلسي کي خطاب ڪندي پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال ٺاھي سنڌ سڪائڻ جي سازش کي رد ڪريون ٿا، اسان مسلسل جدوجهد ڪري سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ وڃي رهيا آهيون، ڇو ته پاڻي اسان جو جياپو آھي، ڪئنال ٺاهڻ سان سنڌ جي 20 لک ايڪڙ زمين بنجر بڻجي ويندي، هن چيو ته آصف زرداري جي سربراهي ۾ وفاقي سرڪار ڪئنال ٺاھڻ وارو منصوبو جوڙيو آهي، جنهن کي ايس ٽي پي سميت سڄي سنڌ رد ڪري ٿي، ھي منصوبو سڄي سنڌ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو، زمينون بنجر بڻجي وينديون، قادر مگسي چيو ته جيڪڏھن ملڪ هنن کي هلائڻو آهي ته اهڙا منصوبا کين ختم ڪرڻا پوندا، اسان جو مطالبو آهي ته سنڌ دشمن منصوبا فوري طور ختم ڪيا وڃن، هن چيو ته آصف زرداري اسان جي جياپي تي ڌاڙو هڻي پاڻي وڪرو ڪرڻ چاهي ٿو پر اسان ان جي اهڙين خواهشن کي ڪڏهن به پورو ڪرڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته جيڪڏهن هي منصوبو رد نه ٿيو ته پنجاب جا رستا بند ڪيا ويندا، جلسي کي نياز ڪيريو، نثار ڪيريو، حيدر شاهاڻي، هوت خان گاڏهي، حيدر ملاح، گلزار سومرو ۽ ٻين به خطاب ڪيو، هوڏانهن ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌو درياءَ مٿان 6 ڪئنال اڏڻ خلاف عوامي رابطا مهم جي سلسلي ۾ سڪرنڊ پهتو، هن وڏي عوام ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو جو پاڻي روڪيو ويو ته سنڌ تباهه ۽ برباد ٿي ويندي، سنڌ جا ماڻهو مرندا، اسان جو جياپو سنڌو درياءَ آهي، ان مٿان ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ ٺاهڻ نه ڏينداسين، آصف زرداري هميشه سنڌ جي وسيلن جو سودو ڪيو آهي.