واڳونءَ جو وات بڻيل بازارون

0
58
واڳونءَ جو وات بڻيل بازارون

 علم معاشيات ۾ بازار مان مراد اها جاءِ آهي، جتي شين جي خريد ۽ وڪرو ٿئي ٿو. انگريزيءَ ۾ ان کي مارڪيٽ چيو ويندو آهي ۽ مڪمل بازار اها سڏجي ٿي، جتي ڪيترائي وڪرو ڪندڙ ۽ ڪيترائي خريدار هجن. معاشيات جي سرمائيدارانه نظام ۾ “مارڪيٽ ايڪانامي” اصطلاح استعمال ٿيندو آهي، جنهن مان سندن مراد پيداواري ادارا خانگي هٿن ۾ هجڻ آهي ۽ شين جون قيمتون بازارون پاڻهي مقرر ڪنديون آهن. ترڪيءَ طرفان پاڪستان جي وزيراعظم جي ترڪي دوري وقت کيس ترڪ تاريخ تي ٺاهيل ڊرامي جون ڪاپيون، جيڪو ڪيترن ئي سيزنن تي ٻڌل آهي،

                 سوکڙي ڪري ڏنو، جيڪو پي ٽي وي تي هلندي اسان به ڏسي وٺندا هئاسين. ڊرامي جو مکيه ڪردار ۽ هيرو جيڪو پنهنجي قبيلي جو سردار پڻ آهي، پنهنجي بادشاهه جي چوڻ تي ڏسيل علائقي ڏانهن لڏ پلاڻ ڪري ٿو ۽ اتان جي مشهور شهر جي مکيه بازار جو واءُ سواءُ لهڻ کان پوءِ پنهنجي هٿ ڪرڻ جي رٿا شروع ڪري ٿو ۽ نيٺ پنهنجي ويڙهاڪ جٿي جي مدد سان ان تي هلان ڪندي پنهنجي هٿ وس ڪندي نظر ايندو آهي.

بازارن تي هلان ڪرڻ ۽ قبضو ڪرڻ جا نشان سنڌ جي نراڙ تي پڻ ملندا، جن ۾ بغدادي فوجن جو سنڌ جي ڏيساور واپار جي بندرگاهن ٺٽي ۽ ديبل جون بندرگاهون تباهه ڪرڻ کان پوءِ شِوِ آستان يا سيوستان (سيوهڻ) ۽ اروڙ، جيڪي درياهه تي وڏا واپاري مرڪز هئا، تباهه ڪيا.

هن کانسواءِ ايران ۽ قنڌار طرفان ٺٽي تي حملا آور ٿيڻ به ايئن ئي بازارن تي قبضي ڪرڻ جي مهم هئي. انسان جا معاشي لحاظ کان ٻه عمل آهن: هڪ پيداواري ۽ ٻيو واهپيداري. جيڪڏهن هي پيداواري پاسي منهن ڪري ته سندس اپايل پوکون، ميوا، کير مکڻ سندس کائڻ کان گھڻا ۽ سندس هٿ تي ڪارخانن ۾ ٺهندڙ سامان به پنهنجي ضرورت کان مٿي تيار ڪريو ڇڏين ۽ واهپي وارو پاسو کڻون ته روزانه زندگيءَ ۾ الائي ڪيترا سامان ۽ شين جي ضرورت. اها ئي واڌو پيداوار جي نيڪال ۽ ضرورت جو سامان هٿ ڪرڻ لاءِ هر وستي واهڻ کي بازار جي ضرورت پوي ٿي.

بازار نه صرف مٿئين معاملن کي سولو بڻائي ٿي پر ڪيترائي منشي، همالي، مزدور، سونارا، لوهار، ڊکڻ، ڪنڀار، موچي، هنرمند، دوڪاندار هتي اچي پنهنجو روزگار ڪندا آهن. ساڻ رياست جو ڪار وهنوار هلائڻ لاءِ حڪومت طرفان بازار مان محصول به وصول ڪيا ويندا آهن.

ملڪي حالتن کي نظر ۾ رکندي محسوس ڪجي ٿو ته اسان وٽ علم معاشيات واريون بازار لاءِ وصفون پنهنجي اهميت وڃائي ويٺيون آهن ۽ ملڪي سياست جي پيش نظر پوليٽيڪل سائنس پنهنجون وصفون ڏيڻ شروع ڪيون آهن،

جيڪي عوام کان وانجھيل صرف ايوانن اندر پنهنجي معنى ۽ مطلب رکن ٿيون. جيئن ملڪ ۾ ٽنهي وڏين سياسي جماعتن جا منشور پنهنجي ظاهري مطلب کان هٽي هيئن ٿيا آهن ته انصاف لاءِ تحريڪ هي آهي ته جيڪي ڪمايو، رياست جي حوالي ڪندا وڃون ۽ ان عمل تي گھٻرائڻو به نه آهي. انسان جي ضرورت لٽو، جھڳي ۽ ماني آهي.

کانئس ايتري وصولي ڪريو، جو هي سڄي عمر ڪمائي ته مٿين ٽن شين کان وڌيڪ ڪجهه نصيب نه ٿئيس. ۽ ايشين ٽائيگر نه ٿي سگھيو ته بکيو ٽائيگر شهرن ۾ شڪار لاءِ نه ڪاهيندو ته ڇا ڪندو؟

هونئن ته هندستان کي وِلين ڪري رکڻ اسان وٽ ضروري آهي، باقي اتان جي معاشري جون ڪافي شيون هتي به لاڳو ٿيندي محسوس ڪيون آهن، جيئن برهمڻ ۽ کتري کي اتي مذهبي اهميت آهي ته اهڙا ڪردار هتي به اڳيان ڪري حڪومت ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي. ساڻ لکنئو جي فيشن کي مهذب سڏي لاڳو ڪرڻ به محسوس ڪيو آهي پر هڪڙي ڳالهه جيڪا عام ۾ ٻڌبي هئي ته هندستان جو عوام غريب ۽ رياست شاهوڪار آهي ۽ پاڪستان جو عوام شاهوڪار ۽ رياست غريب آهي، هاڻي ڇا سمجھون ته هتي به عوام غريب ۽ رياست شاهوڪار ڪرڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي.

اسان جي گھراڻي ۾ به ريزڪي دوڪانداري رهندي ايندي آهي ۽ گھر ۾ هجڻ ڪري ان جي ڪجهه ڄاڻ ۽ اهميت اسان کي به هوندي آهي. عام طور 15 روپين تي سامان کپائڻ جو مشغلو رهندو ايندو آهي. پويون دور به سٽون هڻي پيو پر خاص طرح 2018ع جي اليڪشن جي نتيجي ۾ جيڪا حڪومت آئي هئي، اها حڪومت ويندي هن مهل تائين توڙي جو رجيم مٽجي چڪو آهي پر بازار ۾ مهانگائي هاڻي ناهي رهي، پر مهانگائيءَ ۾ ٺاپر اچڻ جي ڪا اميد آسرو ڪين آهي. ٻهراڙي ۾ رهندي اڄ ڪلهه ٻه نوان ٻول ٻڌڻ لاءِ مليا آهن هڪ ته ڀنگ سگريٽ جا موالي چون ٿا ته اسان موالين ته ملڪ کي قرضي ڪونه ڪيو آهي، جو روز روز هي سگريٽ مهانگا ڪري اسان موالين کان رقم پيا وصول ڪن ۽ ڪنهن ٻي ڪچهري ۾ ٻڌم ته هن وقت موٽر سائيڪل جو گذر سستو ۽ انسان جو گذر ڏکيو ٿي پيو آهي. 100 روپين جي پيٽرول ۾ موٽر سائيڪل سڄو ڏينهن هلي سگھي ٿي پر 100 روپين جي کاڄ ۾ ماڻهن جو ڏينهن ڪڍڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.

پاڻي ۾ رهندڙ جانورن ۾ هڪڙو واڳون نالي به ٿئي واڳون سنڌ جي پاڻين ۾ به ملي ٿو. هن بابت ڪيتريون ئي چوڻيون هونديون آهن، انهن مان هڪڙي چوڻي اسان جي گھر ۾ به ٻڌبي هئي ته واڳون پنهنجي شڪار کي چڪ هڻڻ کان پوءِ اصل وات نه کوليندو آهي، ڇو جو هن جا جنڊا مڙي وڃن ٿا. ان چوڻي کي انگريزي ۾ وات لاڪ ٿي وڃڻ چئي سگھجي ٿو. سو مهانگائي جي نه کٽندڙ سلسلي لاءِ بس ايئن چئي سگھجي ٿوته اڄوڪيون بازارون شهرين جي لاءِ واڳونءَ جو وات بڻجي چڪيون آهن.