واڪا ڪرڻ مون وس

0
89
واڪا ڪرڻ مون وس

هڪ اخباري خبر مطابق خيبر پختونخوا ۽ گلگت ۾ سرحدي حد بندي جو فيصلو ٿي ويو. 12 جنوري جي انگريزي اخبار ڊان ۾ ڇپيل خبر موجب گلگت ۽ خيبرپختونخوا جي ٻن قبيلن ٿور ۽ هربن جي وچ ۾ حد بندي جو تڪرار ورهاڱي کان اڳ ۾ هلندڙ هو. انهيءِ معاملي تي ٻنهي قبيلن ۾ 2014ع ۾ خوني جهيڙو پڻ ٿيو، جنهن ۾ چار ڄڻا ماريا ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. ياد رهي ته ٿور قبيلي جو واسطو گلگت جي ديا مير ضلعي سان ۽ هربن قبيلي جو تعلق خيبر پختونخوا جي اپر ڪوهستان ضلعي سان آهي.

اخباري خبر مطابق انهيءَ مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ 2019ع ۾ هڪ جرڳو مقرر ڪيو ويو هو. هر ضلعي مان 13 ڄڻا شامل ڪيا ويا. آخر ڪار 11 جنوري 2022 ع تي اهو تڪرار خير خوبي سان نبيريو ويو. ياد رهي ته هيءَ اهو علائقو آهي جتي مرڪزي سرڪار طرفان ديامير ڀاشا ڊيم ٺاهيو پيو وڃي. اخبا ۾ اهو واضح نه آهي ته اهو علائقو ڪهڙي قبيلي کي ڏنو ويو. صرف ايترو لکيل آهي ته ڌرين کي زمين جي مد ۾ 40 ڪروڙ روپيا، چار مري ويلن جي پونيئرن کي 50 لک روپيا في ماڻهو، ۽ زخمين کي 25 لک روپيه في زخمي ڏنا ويا. زخمين جو تعداد ڄاڻايل نه آهي. چيئرمين واپڊا طرفان جرڳي جي 26 ميمبرن کي عمري تي موڪلڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو.

انهيءَ موقعي تي ڳالهائيندي چيئرمين واپڊا چيو ته هن فيصلي ٿيڻ سان هاڻي ديامير ڀاشا ڊيم جي ڪم ۾ آساني ٿي وئي آهي. ديامير ڀاشا ڊيم جون مکيه ڳالهيون ٻڌائيندي هن چيو ته ڊيم ۾ 8.1 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش آهي ۽ اهو ڪم 29-2028ع ۾ مڪمل ٿي ويندو. ڪم مڪمل ٿيڻ سان 4500 ميگاواٽ بجلي سان گڏ ٻارهن لک ٽيهه هزار (12,30,000) ايڪڙ نئين زمين پڻ آبادي هيٺ ايندي.

ديامير ڀاشا ڊيم يا ڀاشا ڊيم متعلق روزاني “پنهنجي” اخبار ۾ ڪافي وقت کان بحث هلي رهيو آهي. تازو 30 ڊسمبر 2021ع تي منهنجو مضمون هن اخبار ۾ “سنڌ، پاڻي کوٽ ۽ ڀاشا ڊيم” جي عنوان سان ڇپيو هو. انهيءَ جي جواب ۾ محترم محمد ادريس راجپوت جو مضمون ساڳئي اخبار جي 11 جنوري 2022ع واري پرچي ۾ “سنڌ لاءِ گهربل پاڻي ڪيئن ملي سگهي ٿو” جي عنوان سان ڇپيو آهي.

ادريس صاحب آخر ۾ ڀاشا ڊيم جي ٺاهڻ جي سري هيٺ لکيو آهي ته “نئين وزيراعظم عمران خان ان ڊيم جو افتتاح ڪيو آهي، هو اهو ڊيم ٺاهڻ پيا وڃن ۽ وفاقي حڪومت سڄو خرچ ڀري ٿي پئي. اسان کي ڪهڙو نقصان آهي؟ ڀاشا ڊيم ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش 6.1 ملين ايڪڙ فوٽ آهي جنهن مان سنڌ وارن کي 37 سيڪڙو جي حساب سان 2.6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ملندو. انهيءَ مان نه رڳو کوٽ پوري ٿيندي، پر نيون زمينون به آباد ڪري  سگهبيون”.

ادريس صاحب جيڪو سوال ڪيو آهي ته ڀاشاڊيم سان سنڌ کي ڪهڙو نقصان آهي، ان جو آئون تفصيل سان جواب الڳ مضمون ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس. اڄ آئون صرف 37 سيڪڙو تي ڌيان ٿو. 1991ع واري ٺاهه جي شق 4 ۾ لکيل آهي ته پاڇي درياهي فراهميون (بشمول ٻوڏ واريون فراهميون ۽ مستقبل جا ذخيرا) هيٺين ريت ورهايون وينديون.

پنجاب 37 سيڪڙو، سنڌ 37 سيڪڙو، خيبرپختونخوا 14 سيڪڙو، بلوچستان 12 سيڪڙو.

هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ڇا ڀاشا ڊيم مستقبل جي ذخيرن ۾ اچي ٿو، يا ان ۾ گڏ ٿيل پاڻي پاڇي درياهي فراهميون ۾ اچي ٿو. پاڇي فراهميون جو مطلب، اهو پاڻي جو مقدار جيڪو 1991ع واري ٺاهه ۾ ورهايل پاڻي کان وڌيڪ هجي. پنجاب ٺاهه جي شق 2 تحت پاڻي ورهاست قبول ڪرڻ لاءِ ان ڪري تيار نه آهي، جو هو چوي ٿو ته پهرين ٺاهه ۾ ورهايل پاڻي پورو ڪريو، پوءِ شق 2 تحت ورهاست جي ڳالهه ڪريو. جيئن ته تربيلا ڊيم ۾ لٽ گڏ ٿيڻ ڪري ان جي پاڻي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت گهٽجي وئي آهي، بقول ادريس صاحب جي ته اها سگهه اڌ کان وڌيڪ گهٽجي وئي آهي.

ڀاشا ڊيم ٺهڻ ۾ اڃان بقول واپڊا جي 7 سال لڳي سگهن ٿا. انهيءَ عرصي ۾ تربيلا ڊيم آخري پساهن ۾ هوندو ۽ ڀاشا ڊيم کي ان جو متبادل ڊيم قرار ڏنو ويندو. ان وقت اسان جون 37 سيڪڙو وڌيڪ پاڻي ملڻ واريون اميدون خاڪ ۾ ملي وينديون. ادريس صاحب سنڌ آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي ۽ هن جا تمام وسيع تعلقات ۽ وسيلا آهن. ڇا هو هڪ سنڌ ڄائي جي حيثيت ۾ اهو ٻڌائڻ پسند ڪندو ته ڀاشا ڊيم جي پي – سي – ون (P.C.I) ۾ اهو ڊيم مستقبل جي ذخيرن ۾ لکيل آهي يا متبادل ڊيم لکيل آهي. ڇا اهو به ٻڌائيندو ته ڀاشا ڊيم ٺهڻ ڪري 12 لک کان وڌيڪ نئين آباد ٿيندڙ زمين ڪهڙي صوبي جي آهي؟ ڇا انهيءَ زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ ڊيم مان نوان واهه ته نه ڪڍيا ويندا؟ جيڪڏهن نوان واهه نه ڪڍيا ويندا ته پوءِ اها زمين ڪهڙن واهن ذريعي آباد ٿيندي؟ منهنجي خيال ۾ اها 12 لک اها زمين آهي جيڪا ڪالاباغ ڊيم ۽ گريٽرٿل ڪيئنال وسيلي پنجاب آباد ڪرڻ گهر ي ٿو.

ڀاشا ڊيم لاءِ مخصوص ڪيل زمين تي اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيل جن آفيسرن جا نالا اخبار ۾ ڇپيا آهن، انهيءَ مان لڳي ٿو ته مرڪزي سرڪار ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جو پڪوپهه ڪيو آهي. اهڙي موقعي تي سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ساڃهه وند طبقن جي خاموشي هڪ سواليه نشان آهي. جيڪڏهن سنڌ وارا خاموشي سان ڏسندا رهيا ته آخر ۾ افسوس کانسواءِ ڪجهه به نه سرندو. انهيءَ کان اڳ ۾ سنڌ سرڪار جي رضامندي کانسواءِ پنجاب جلال پور ڪئنال ۽ گريٽرٿل ڪئنال تي 1991ع واري جي ٺاهه خلاف ورزي ڪندي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. جلال پور ڪئنال، شو بارا ڪئنال ۽ ڀاشا ڊيم مان 12 لک کان وڌيڪ نئين زمين آباد ٿيڻ جي معاملي تي سنڌ آبپاشي کاتي جي خاموشي هڪ تعجب خيز ڳالهه آهي. انهيءَ تي هي پهاڪو ٺهڪي اچي ٿو ته روم سڙندو رهيو ۽ نيرو بانسري وڄائيندو رهيو.