اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائنوٽس ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ ڪاميٽيءَ جي ميمبر ثناءُ الله مستي خيل خلاف ڪارواين تي مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ ڪاميٽيءَ جا ميمبر هڪ آواز ٿي ويا ۽ هنن شديد احتجاج ڪندي پي اي سي جو اجلاس طلب ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽيءَ جو اجلاس جنيد اڪبر جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ آڊٽ اعتراضن جو جائزو وٺڻ کان سواءِ ئي اجلاس ملتوي ڪيو ويو. ڪاميٽيءَ جي چيئرمين جو چوڻ هو ته هن ڪاميٽيءَ جي تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ ميمبر ثناءٌ الله مستي خيل سوال ڪيو ته واپڊا چيئرمين جي عهدي تي هڪ جنرل کي ئي ڇو مقرر ڪيو ويندو آهي. اهو سوال شايد ڪنهن کي سٺو نه لڳو.ان سوال بعد ثناءٌ الله مستي خيل جي گهر جا ميٽر، ٽرانسفارمر لاٿا ويا. اِن طرح جي رويي ۾ منهنجي خيال ۾ ميٽنگ جاري نٿي رکي سگهجي. ڪاميٽي ميمبر خواجه شيراز محمود چيو ته جيڪو به فيصلو ڪيو اسان اوهان سان گڏ آهيون. پيپلز پارٽيءَ جي سليم مانڊوي والا چيو ته احتجاجن اجلاس نه ڪرڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان اسپيڪر کي خط لکڻ گهرجي. پيپلز پارٽيءَ جي حنا رباني کر چيو ته ڪاميٽي ميمبر پاران سوال ڪرڻ تي اهڙو ري ايڪشن ٿي سگهي ٿو ته پوءِ اسان پنهنجو ڪو ٻيو ڪم ڪريون. اِن معاملي کي اردو ۾ شايد غنڊا گردي چيو ويندو. پ پ جي سيد نويد قمر چيو ته بلڪل اِن معاملي کي اسپيڪر آڏو اُٿارڻ گهرجي. هڪ ميمبر تي حملو سڀني تي حملو آهي. ان معاملي کي سنجيده وٺڻ گهرجي. ن ليگ جي افنان الله چيو ته مان  ان معامري جي مذمت ڪريان ٿو. ذميوارن خلاف ڪاروائي ٿيڻ گهرجي. ثناءُ الله مستي خيل چيو ته اسان پاڪستان جا وفادار آهيون 22، 23 سالن کان پارليامينٽ ۾ چونڊجي اچان ٿو ڀلي منهنجي گهر کي ڪيرايو وڃي وڊيو ٺاهي موڪلي وڃي. جنهن بعد پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين چيو ته مان لاڳاپيل سيڪريٽري کي طلب ڪري وٺان ٿو.