راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ ڪارڪنن احتجاج ختم ڪرڻ جي اعلان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو، علي امين گنڊاپور واپسي جو اعلان ڪيو ته ڪارڪن چڙي پيا، برهان انٽرچينج وٽ ڌرڻو هنيو، اعظم سواتي وچ ۾ اچي ناراض ڪارڪنن کي پرچايو ۽ ڌرڻو ختم ڪرايو، ڪارڪنن گنڊاپور جو رستو روڪي ڇڏيو هو ۽ انهن جو چوڻ هو ته هر صورت ۾ راولپنڊي وينداسين، گنڊاپور جي اسڪواڊ ۽ ڪارڪنن ۾ منهن ماري به ٿي. ڪارڪنن گنڊاپور کان استعيفا جو مطالبو ڪيو. ذريعن موجب پي ٽي آءِچيئرمين بئرسٽر گوهر علي امين گنڊاپور کي واٽس ايپ تي پيغام موڪليو ته احتجاج ختم ڪيو ويو آهي، پنهنجي ڪارڪنن کي واپس وٺي وڃو.