واپار هميشه انساني تهذيبن جو هڪ بنيادي ۽ اهم حصو رهيو آهي، جيڪو وقت سان ترقي ڪندو رهيو آهي. قديم بارٽر سسٽم کان وٺي سلڪ روڊ جي واپار، نوآبادياتي وسعت، ۽ صنعتي انقلاب تائين واپار قومن جي خوشحالي ۽ ترقيءَ جو اهم ذريعو رهيو آهي. اڄ جي دور ۾، جڏهن گلوبلائيزيشن دنيا کي ويجهو آندو آهي، واپار وري هڪ ڀيرو سياسي ڇڪتاڻن، واپاري جھيڙن ۽ تحفظ پسنديءَ جي ور چڙي ويو آهي. خاص طور آمريڪا ۽ چين واپاري تڪرار عالمي مارڪيٽن ۽ معاشي لاڳاپن تي گهرو اثر ڇڏيا آهن.
واپار جي شروعات انساني ابتدائي سماجن کان ٿي، جتي مال جي بدلي مال واري بارٽر سسٽم ذريعي شڪار، زراعت ۽ اوزارن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. قديم تهذيبن، جهڙوڪ ميسوپوٽيميا، مصر، هندستان ۽ سنڌو تهذيب، جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن جا ثبوت موجود آهن، خاص طور موهن جي دڙي ۽ ميسوپوٽيميا درميان. وچئين دور ۾ سلڪ روڊ ۽ سامونڊي واپار ذريعي عالمي واپار کي نئون اُڀار مليو، جڏهن ته منظم مارڪيٽن جي قيام واپاري واڌ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
نئين دور ۾ جاگرافيائي دريافتن ۽ نوآبادياتي واڌ سان واپاري حدن ۾ واڌارو آيو، جتي ڪچي ۽ تيار مال جي عالمي مٽاسٽا تيزي سان وڌڻ لڳي. صنعتي انقلاب، ريلوي، جهازن ۽ ٽيليگراف جهڙين ايجادن واپاري رفتار کي نئون لاڙو ڏنو. 20هين ۽ 21هين صديءَ ۾ ٽيڪنالاجي، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ گلوبلائيزيشن عالمي واپاري لاڳاپن کي ويجهو آندو ۽ نون موقعن جو بنياد وڌو. تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته واپار قومن جي خوشحالي، وسيلن جي مؤثر ورڇ، ۽ ڄاڻ جي ڏي وٺ جو ذريعو رهيو آهي. جڏهن ته واپاري رڪاوٽن، جيئن 1930ع واري ڏهاڪي جي تحفظاتي پاليسين، عالمي معاشي بحرانن کي جنم ڏنو. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ واپاري نظام کي نئين سر ترتيب ڏنو ويو، پر موجوده دور جي آمدني جي اڻبرابري، قومي پاليسين ۽ تحفظ پسندي واپار کي وڌيڪ پيچيده بڻائي رهيا آهن. اڄ ڪالهه عالمي واپار سياسي ڇڪتاڻن، واپاري جھيڙن، ۽ قومي تحفظ پسند پاليسين جي ور چڙهيل آهي. آمريڪا ۽ چين جي واپاري جنگ عالمي سپلائي چينز ۽ واپاري اعتماد تي وڏو اثر وڌو آهي. آزاد مارڪيٽ جي اصولن ۽ رياستي مداخلتن جي وچ ۾ ٽڪراءُ واپاري استحڪام لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته ڊي-گلوبلائيزيشن جي رجحان سان نيون واپاري رڪاوٽون سامهون اچي رهيون آهن.
گذريل ويھن سالن دوران عالمي واپار ۾ واڌ، بحرانن ۽ بحالي جا مختلف مرحلا ڏسڻ ۾ آيا:
2005ع: واپار 11.5 ٽريلين ڊالر تائين پهتو (واڌ +8%)، چين جي تيزيءَ سان واپاري ترقي بنيادي سبب هئي.
2008ع: واپار 16.0 ٽريلين ڊالر تائين وڌيو (+5.5%)، پر 2009ع: عالمي مالي بحران سبب واپار گھٽجي 12.5 ٽريلين ڊالر ٿيو (-12%).
2010ع: واپار بحال ٿيو ۽ 15.3 ٽريلين ڊالر (+14.5%) تائين پهتو، خاص طور چين ۽ هندستان جي ترقي سبب.
2015ع: واپار 16.5 ٽريلين ڊالر تائين رهيو، پر چين جي معيشت جي سست رفتاري ڪري واڌ گهٽجي وئي (-2%).
2018ع: واپار وڌي 19.5 ٽريلين ڊالر (+3.0%) تي پهتو، جيتوڻيڪ آمريڪا-چين واپاري ڇڪتاڻ جاري رهي. 2019ع: واپار ٿورو گهٽجي 19.0 ٽريلين ڊالر ٿيو (-0.1%).
2020ع:: COVID-19 جي وبا سبب واپار 17.5 ٽريلين ڊالر تي اچي ويو (-7%).
2021ع: تيزي سان بحالي، واپار 22.0 ٽريلين ڊالر (+10%) تي پهتو، خاص طور ايشيائي ملڪن جي واڌاري سان.
2022ع: واپار وڌي 25.0 ٽريلين ڊالر (+5%) تائين پهتو، توانائي جي قيمتن جي واڌ جو اثر به شامل رهيو.
2023ع: يوڪرائين جي جنگ ۽ عالمي مالي سختي سبب واپار ٿورو گهٽجي 24.8 ٽريلين ڊالر (-0.4%) ٿيو.
2024ع: واپار 33 ٽريلين ڊالر تائين پھتو (+3.7%)، جيتوڻيڪ آمريڪا- چين مقابلو جاري رھيو.
2025ع: 2025ع جي شروعاتي مهينن ۾ واپار مستحڪم رهيو، پر عالمي سياسي ۽ اقتصادي تڪرار، تحفظاتي پاليسين، ۽ واپاري جهيڙن واپار ۾ امڪاني لاٿ جا اشارا ملي رهيا آهن. سامان جي ترسيل جا انڊيڪس گهٽجڻ، ڪچي ۽ تيار مال جي گھرج ۾ گهٽتائي، ۽ ڪاروباري ماحول جي وڌندڙ غيريقيني واپاري مستقبل لاءِ خدشن کي جنم ڏنو آهي.
آمريڪا، ماضيءَ ۾ آزاد واپار جو علمبردار رهيو آهي، هاڻ تحفظ پسندي طرف وڌي رهيو آهي. واپاري تڪرار هاڻي صرف تجارتي پاليسين جو مسئلو ناهن، پر عالمي معاشي حڪمراني، سياسي اختيار، ۽ قومي سڃاڻپ جي ويڙهه سان به ڳنڍيل آهن. چين ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري مقابلو ترقي پذير ملڪن تي به گهرو اثر وجهي رهيو آهي، جتي ڊجيٽل واپار، ڊيٽا سيڪيورٽي، ۽ ٽيڪنيڪي معيارن تي اختلاف تڪرار کي وڌيڪ پيچيده بڻائي رهيا آهن. ڊونلڊ ٽرمپ 2025ع ۾ عالمي واپار تي سخت ٽئرفون لاڳو ڪرڻ بعد اھي واپس ورتيون، پر چين لاءِ سخت پاليسي برقرار رکي. 9 اپريل تي ٽرمپ چيني شين تي ٽئرف وڌائي 125٪ ڪيو، جڏهن ته ٻين ملڪن کي 90 ڏينهن جي رعايت ڏني وئي. چين به فوري طور تي ساڳئي سطح جا ٽئرف آمريڪا تي لاڳو ڪري ڇڏيا، جنهن سان ٻنهي ملڪن درميان واپاري ڇڪتاڻ شدت اختيار ڪري وئي آهي.
2018ع جي تجارتي جنگ جي ڀيٽ ۾، هينئر چين وڌيڪ مضبوط حيثيت ۾ آهي، ڇو ته سندس آمريڪا تي واپاري انحصار گهٽجي ويو آهي، ۽ هو پنهنجي داخلي مارڪيٽ ۽ خريدارن جي خرچن تي وڌيڪ ڀروسو ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ ڪجهه معاشي دٻاءُ برقرار آهي. چين وٽ ريئر ارتھز جهڙن اهم وسيلن تي حاوي هجڻ سان گڏ، ڪيترين ئي آمريڪي ڪمپنين تي برآمداتي پابنديون لڳائڻ جا اختيار به موجود آهن. زرعي شعبن، خاص طور سويا بين ۽ پولٽري جي شعبي کي نشانو بڻائڻ سان، چين آمريڪا جي سياسي ميدان ۾ به دٻاءُ وجهي سگهي ٿو، جتي ڪيترائي رياستي مفاد ريپبلڪن جماعت سان ڳنڍيل آهن. ٽيڪنالاجي شعبي ۾ به، ايپل ۽ ٽسلا جهڙيون ڪمپنيون چين تي دارومدار رکن ٿيون، جن تي دٻاءُ وڌڻ سان آمريڪي اندروني سياسي ڇڪتاڻ وڌي سگهي ٿي.
اسٽريٽجڪ سطح تي، چين اوڀر ايشيا ۾ جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا سان لاڳاپن جي بحالي، ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن سان واپاري تعلقات جي مضبوطي، ۽ يورپي يونين سان ويجهڙائي ذريعي آمريڪا جي علائقائي اثر رسوخ کي چئلينج ڪري رهيو آهي. مالي لحاظ کان، آمريڪي ڊالر جي اعتبار ۾ گهٽتائي به چين لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿي، جيتوڻيڪ ٽرمپ جي ٽئرفن سان چين کي به نقصان جو انديشو آهي. ٽرمپ جي واپاري حڪمت عملي گهڻو ڪري ناڪام ثابت ٿي آهي. اميد هئي ته چين دٻاءُ هيٺ اچي معاهدي لاءِ اڳتي وڌندو، پر چين پنهنجي موقف تي قائم رهيو ۽ ٻين ملڪن سان واپاري لاڳاپا وڌائڻ شروع ڪري ڇڏيا. عالمي مالياتي ادارا آمريڪا جي سخت تجارتي پاليسين سبب عالمي معيشت لاءِ خراب اثرن بابت خبردار ڪري رهيا آهن. اقتصادي ماهر ڊين بيڪر چواڻي ٽرمپ واپاري حقيقتن کان پري خيالي دنيا ۾ رهي ٿو. ڇوته تجارتي جنگيون واپاري خساري کي گهٽائڻ ۾ مددگار ناهن، ۽ عالمي واپار خريد ۽ وڪري تي ٻڌل هوندو آهي. انڪري آمريڪا کي چين سان دشمني بدران واپاري ڀائيواري اختيار ڪري ماحول دوست ٽيڪنالاجي ۽ برقي گاڏين جي شعبي مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي.
ٽرمپ جي گذريل حڪومت دوران واپاري پاليسين جو جائزو وٺجي ته 2017ع ۾ آمريڪا جو چين سان واپاري خسارو 375 ارب ڊالر هو، جنهن کي ٽرمپ وڏي ناانصافي ڪوٺيو. 2018ع ۾ اسٽيل ۽ اليومينيم تي ٽئرف لڳايا ويا ۽ چين سان تجارتي جنگ شروع ٿي. 2019ع ۾ ٽيڪنالاجي شعبي ۾ ھئاوي Huawei تي پابنديون لاڳو ڪيون ويون. 2020ع ۾ “فيز ون ڊيلئ” ذريعي چين آمريڪي سامان خريدڻ جو واعدو ڪيو، پر واپاري ڇڪتاڻ مڪمل طور ختم نه ٿي. ٽرمپ جي واپاري پاليسين جا نتيجا مليل جليل رهيا: چين جي معاشي واڌ کي ڌڪ رسيو، آمريڪي زرعي شعبي کي نقصان پهتو، عالمي سپلائي چين متاثر ٿي، ۽ آمريڪي خريدارن کي قيمتن ۾ اضافو ڀوڳڻو پيو. سياسي طور تي ٽرمپ عالمي واپاري نظام ۾ وڏيون تبديليون آنديون، پر معاشي فائدا محدود رهيا.
عالمي واپاري جھيڙن تي کاٻي ۽ ساڄي ڌرين جا الڳ الڳ نظريا آهن. ڪارل مارڪس ۽ جديد ترقي پسند، واپار جي آزادي بدران مقامي صنعتن جي تحفظ، مزدورن جي حقن، ۽ سامراجيت جي مخالفت تي زور ڏين ٿا. انهن جي نظر ۾ تجارتي جهيڙا وڏين سرمائيدار قوتن جي مفادن لاءِ ٿين ٿا، جيڪي واپار کي ڪمزور ملڪن جي وسيلن تي قبضي لاءِ هٿيار طور استعمال ڪن ٿا. نائومي ڪلين موجب تجارتي جنگون غريب ملڪن جي محنت ڪش طبقي لاءِ وڌيڪ ڏکيائون آڻين ٿيون. ٻئي طرف، ايڊم سمٿ کان وٺي جديد قدامت پسند، واپار کي ترقي ۽ خوشحالي جو ذريعو سمجهن ٿا. انهن جي نظر ۾، جتي قومي مفاد خطري ۾ هجي، اتي تحفظ پسند پاليسيون جائز آهن. ڊونلڊ ٽرمپ جي دور ۾ چين خلاف لاڳو ڪيل ٽئرفز کي آمريڪي صنعتن، روزگار، ۽ ٽيڪنالاجي جي حفاظت لاءِ ضروري قرار ڏنو ويو. انھن جي خيال ۾ اهڙا قدم قومي خودمختياري، صنعتي طاقت، ۽ مقابلي جي برابري کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم آهن.
مٿين ڳالھين مان ثابت ٿئي ٿو ته واپار رڳو مال جي ڏي وٺ نه آهي، پر اهو قومن جي سوچ، خوابن، ۽ مستقبل جي ڏي وٺ به آهي. جڏهن واپاري رستا کليا، ته ذهن به آزاد ٿيا؛ ۽ جڏهن حدون بند ٿيون، ته امڪانن جا آسمان به تنگ ٿيا. تاريخ جو سبق اهو آهي ته واپار کي روڪڻ، انساني ترقيءَ جي راهه ۾ بند ٻڌڻ آهي. اڄ جي جهان ۾، جتي قومون پنهنجين سرحدن جي تحفظ جي نالي تي اقتصادي ڀتين کي اوچو ڪري رهيون آهن، اتي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته واپار کي صرف نفعي يا نقصان جي حساب سان نه، پر انساني ترقيءَ جي هڪ بلند ترين اظهار طور ڏٺو وڃي. دنيا جي سياسي ڇڪتاڻ ۾ واپار انسانيت لاءِ هڪ پل بڻجي سگهي ٿو، جيڪو قومن کي تڪرارن مان ٻاهر ڪڍي، گڏيل اميدن ۽ نون مستقبلن ڏانهن وٺي هلي. سوال هي ناهي ته ڪير ڪيترو ڪمائي ٿو، سوال هي آهي ته دنيا واپار مان ڪيترو سکڻ، ڳنڍجڻ، ۽ اڳتي وڌڻ جو حوصلو پيدا ڪري ٿي.