راڄوخاناڻي (ن پ ا) راڄوخاناڻي شهر جي مين حاجي سانوڻ ماتلي روڊ جي سطاني واھه جي موري تي نظاماڻي ويلفيئر ايسوسيشن جي سوين ماڻهن  پاران ٽنڊو قيصر جي واپاري حسن ناصر نظاماڻي جي قتل خلاف خاڪي جاني، اظھار نظاماڻي، ابوبڪر نظاماڻي، سفير نظاماڻي،  وقار نظاماڻي،  انس نظاماڻي، باغي امداد نظاماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ڌرڻو هنيو ويو جنھن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته واپاري حسن ناصر نظاماڻي جي اغوا ۽ قتل واري واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي .