ڪراچي(نمائندن وٽان) واپارين سارين جو  اگهه گهٽائي ڇڏيو، آبادگار سراپا احتجاج بڻجي ويا، سنڌ سرڪار کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو، تفصيل موجب لاڙ پٽ ۾ سارين جو بمپر فصل لهڻ بعد واپارين ۽ ڪارخانيدارن في مڻ اگهه 32 سئو رپين مان گهٽائي 25 سئو رپيا ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن، ان حوالي سان  ٽنڊي غلام حيدر ۾ آبادگارن ۽ هارين حيدرآباد  بدين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو،  ان موقعي تي  گهرام خان چانڊيو.  امداد لاشاري،  گل محمد  اعواڻ ۽ ٻين چيو ته علائقي ۾ سارين  جو بمپر فصل لهي رهيو آهي   ته اوچتو رائيس ملز  مالڪن هڪ هٽي  قائم ڪندي سارين جو اگهه  3200  سئو روپين مان 2500 سئو روپيا  في مڻ  ڪرڻ  سان گڏ  مڻ تي 6  ڪلو ڪٽوتي ڪري هارين جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي،  ضلعي توڙي تعلقي انتظاميا  ڪو به قدم نه پئي کڻي  معاملي جو سنڌ حڪومت نوٽيس وٺي  سارين جو سرڪاري اگهه مقرر ڪيو وڃي، ميرپور بٺورو ۾ آبادگارن سم نالي اسٽاپ تي لطيف اڪبر شاھه جي صدارت گڏجاڻي ڪوٺائي احتجاج جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو، گڏجاڻي ۾ عبدالرزاق لنڊ، عطا حسين شاھ، پنھل سولنگي، احسان اوٺو، اشرف شاھه، جعفر اوٺو، عبدالڪريم کاڙڪ، خمون خاصخيلي ۽ ٻين آبادگارن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ آبادگارن سان رابطا ڪرڻ لاءِ 4 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، سمورن آبادگارن سان رابطا ڪري 4 آڪٽوبر تي آل پارٽيز ۽ آبادگارن کي پريس ڪلب ميرپور بٺورو ۾ گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن بعد احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي، آبادگاراڳواڻن چيو ته سارين جو ريٽ 62000 رپين مان گھٽائي 50000 في  مقرر ڪيو ويو آھي جيڪا آبادگار سان سخت زيادتي آھي،  ٻئي طرف جهوڪ شريف ۾ تحريڪ انصاف، واپاري ايسوسيئشن ۽ پريس ڪلب جي سڏ تي سياسي، سماجي اڳواڻن، صحافين، آبادگارن ۽ هارين حاجي خان جلالاڻي، نعمان شورو، شاهنواز جتوئي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب کان  پيٽرول پمپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، ان موقعي تي سندن چوڻ هو ته لاڙ پٽ  بک ۽ بدحالي جي ور چڙھيل آھي، مٿان وري ساريون لهڻ شرط واپارين ۽ ڪارخانيدارن سارين جو اگھه ڪيرائي ڇڏيو آھي، 34 سئو مان 22 سئو مڻ ڪري ڇڏيو آھي ۽ ناجائز ڪٽوتي ڪري في مڻ تي ٽي کان ست ڪلو ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته حڪومت نوٽس وٺي سارين جو اگھه في مڻ 4 هزار مقرر ڪري ناجائز ڪٽوتي ختم ڪري آبادگارن ۽ هارين جو معاشي استحصال بند ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڊي سي سجاول آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.