اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ريٽيل بزنس ڪائونسل جي چيئرمين زيد بشير جي اڳواڻي ۾ وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم واپارين جي وفد کي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي ڪاميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزير اعظم شهباز شريف چيو ته  ريٽيلر جيڪي ٽيڪس نيٽ ۾ آهن انهن تي وڌيڪ ٽيڪس نه لڳايو ويندو. اهڙا سمورا ريٽيلر جيڪي ٽيڪس ادا نٿا ڪن انهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن. استعمال ٿيل سامان جي اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن. وزير اعظم شهباز شريف چيو ته مقامي صنعت کي گهرجي ته جدت کي اپنائي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي اپنائڻ لاءِ پنهنجون پروڊڪٽس ايڪسپورٽ ڪن ته جيئن اهي عالمي مارڪيٽ ۾ مقابلو ڪري سگهن. ايف بي آر جي ٻين سڌارن سان گڏ حڪومت معيشت کي ڪيش ليس بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.