واٽس ايپ ويب ورزن لاءِ نئون فيچر ’چيٽ ميڊيا هب‘ متعارف ڪرائي رهيو آهي، جنهن جو مقصد واهپيدارن کي شيئر ڪيل فائلن تائين سولي ۽ تيز رسائي فراهم ڪرڻ آهي.
واٽس ايپ جي اپڊيٽس تي نظر رکندڙ ويب سائيٽ موجب، چيٽ ميڊيا هب هڪ نئون سيڪشن هوندو جيڪو واٽس ايپ ويب جي سائيڊبار ۾ شامل ڪيو ويندو.
انهي فيچر جي ذريعي واهپيدار پنهنجي سڀني چيٽس ۾ شيئر ڪيل تصويرون، وڊيوز، گفٽس، دستاويز ۽ لنڪس الڳ چيٽ کولڻ بنا هڪ ئي هنڌ ڏسي ۽ منظم ڪري سگهندا.
چيٽ ميڊيا هب ۾ سڀني ميڊيا فائلن کانسواءِ دستاويز ۽ لنڪس سان گڏ موڪلڻ واري جو نالو ۽ تاريخ به ڏيکاري ويندي.
صارف فائلن کي تاريخ، سائيز يا ٻين معيارن موجب ترتيب ڏئي سگهن ٿا ۽ ڪيپشن ذريعي خاص فائل ڳولي به سگهن ٿا.
ان کان علاوه واهپيدار هڪ کان وڌيڪ فائل چونڊي انهن کي ڊليٽ، ڊائونلوڊ يا فارورڊ ڪري سگهن ٿا، جنهن سان وقت جي بچندي.
هي فيچر خاص ڪري انهن واهپيدارن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو جيڪي اهم فائل جهڙوڪ تصويرون يا پي ڊي ايف هر چيٽ کولڻ بنا ڳولڻ چاهين ٿا.
ان کان سواءِ، اسٽوريج مئنيجمينٽ کي به آسان بڻايو ويندو ته جيئن واهپيدار وڏي فائلن جي نشاندهي ڪري ڊليٽ ڪري سگهن.
في الحال هي فيچر شروعاتي مرحلي ۾ آهي ۽ بيٽا ورزن ۾ به موجود ناهي، واٽس ايپ طرفان حتمي تاريخ نه ڏني آهي، پر امڪان آهي ته جلد اِهو فيچر عام واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.