هاڻي واٽس ايپ ذريعي به هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي( اي آءِ ) کان تصويرون ٺهرائي سگهجن ٿيون. اوپن اي آءِ طرفان هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن ذريعي چيٽ جي پي ٽي هاڻي واٽس ايپ تي به تصويرون ٺاهي سگهجن ٿيون. رپورٽن موجب، اوپن اي آءِ طرفان چيو ويو آهي ته واٽس ايپ واهپيدار چيٽ جي پي ٽي کان لکت ۾ پنهنجي مرضي جون تصويرون ٺهرائي سگهن ٿا.دسمبر 2024ع ۾ چيٽ جي پي ٽي کي واٽس ايپ تي استعمال ڪرڻ سهولت ڏني وئي هئي ۽ هاڻي هڪ نئين اپڊيٽ ۾ تصوير ٺاهڻ وارو فيچر به شامل ڪيو ويو آهي.ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ واهپيدارن کي نمبر8478 -242-800-1 واٽس ايپ تي سيو ڪرڻو پوندو يا خاص لنڪ تي ڪلڪ ڪري چيٽ شروع ڪري سگهجي ٿي.ان کانپوءِ، اوپن اي آءِ جي اڪائونٽ سان واٽس ايپ کي ڳنڍي، لکت ۾ هدايت ڏئي تصوير ٺهرائي سگهجي ٿي. اوپن اي آءِ موجب، هي فيچر هاڻي هڙني واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ موجود آهي.