جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ ۾ هڪ اهڙو دلچسپ ۽ ڪارائتي فيچر جو واڌارو ٿي رهيو آهي جيڪو واهپيدارن لاءِ وڌيڪ سولايون پيدا ڪندو.واٽس ايپ پنهنجي واهپيدارن جي سهولت لاءِ وائس نوٽ کي هاڻي ٽرانسڪرائب ڪرڻ جي سهولت سان جوڙي رهيو آهي. وائس نوٽ ٽرانسڪرائب ڪم ڪيئن ڪندو آهي؟ٽرانسڪرائب فيچر بنيادي طور آڊيو چيٽ کي لفظ به لفظ ٽيڪسٽ نوٽ ۾ تبديل ڪرڻ جو هڪ سولو طريقو آهي.اِهو فيچر واٽس ايپ ۾ ڪيئن استعمال ڪري سگهبو؟رڳو ڪجهه اسٽيپ تي عمل ڪري اوهان به ان فيچر مان لاڀ حاصل ڪري سگهو ٿا، اوهان کي سڀ کان پهريان وائس نوٽ ڪرڻو پوندو ۽ پوءِ واٽس ايپ اوهان ٽرانسڪرائب جو آپشن ڏيندو، جنهن کي اوهان ڪلڪ ڪندي ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا.واضح رهي ته اوهان اِهو پيغام 90 ايم بي کان گهٽ نه هجي ۽ ائين وائس نوٽ جو متن اوهان کي وائس نوٽ جي هيٺان نظر ايندو. واٽس ايپ جي اِها سهولت رڳو موبائيل فون ۾ دستياب هوندي، جڏهن ته واٽس ايپ ويب واهپيدارن کي في الحال ان سهولت کان محروم رکيو ويو آهي.ڄاڻايل فيچر، انگريزي، هسپانوي، پرتگالي، روسي ۽ هندي ٻولين ۾ هوندو، ان کانسواءِ واٽس ايپ وائس نوٽ کي اينڊرائيڊ انڪرپٽڊ رکڻ جي خاطري ڪرائي آهي جنهن ذريعي اوهان جا پيغام محفوظ رهندا.