نيويارڪ(انٽريسٽنگ نيوز) ميٽا طرفان اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ واٽس ايپ کي گهڻي حد تائين تبديل ڪيو ويو آهي. ڪمپني طرفان گهڻي عرصي کان اينڊرائيڊ ڊيوائسز لاءِ واٽس ايپ جي يوزر انٽرفيس کي تبديل ڪرڻ تي ڪم جاري هو، هاڻ اهو نئون يوزر انٽرفيس واهپيدارن کي متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ان تبديلي کانپوءِ اينڊرائيڊ ڊيوائسز ۾ واٽس ايپ جي ڊيزائن گهڻي حد تائين تبديل ٿي وئي آهي ۽ اهو بلڪل مختلف نظر اچي ٿو. ان نئين ڊيزائن ۾ مٿي موجود چيٽس، ڪميونٽيز، اسٽيٽس ۽ ڪالز جا ٽيپ هيٺ منتقل ڪيا ويا آهن ۽ رنگن جي به تبديلي ڪئي وئي آهي. آءِ او ايس ڊيوائسز لاءِ اهڙو يوزر انٽرفيس گهڻي عرصي کان استعمال ڪيو پيو وڃي پر اينڊرائيڊ ۾ ڪيترن ئي سالن کانپوءِ ايپ جي ڊيزائن کي تبديل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته اينڊرائيڊ واهپيدار گهڻي عرصي کان واٽس ايپ جي يوزر انٽرفيس ۾ تبديلي جو مطالبو ڪري رهيا هئا.