واٽس ايپ ۾هڪ اهڙي دلچسپ ۽ ڪارائتي فيچر جو وڌارو ڪيو ويو آهي جيڪو اوهان جي زندگي سولي بڻائي ڇڏيندو. ميٽا جي چيف ايگزيڪٽيو مارڪ زڪربرگ واٽس ايپ ۾ ڪاسٽيوم لسٽس وارو فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو . ان فيچر ذريعي واهپيدار مختلف چيف فلٽرز يا لسٽس ٺاهي انهن ۾ پنهنجي پسند جي ماڻهن يا گروپس کي شامل ڪري سگهندا.
فيچر استعمال ڪرڻ جو طريقو
نئين فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ چيٽ ٽيب جي مٿان فلٽرز جي ڀرسان موجود پلس آئيڪون تي ڪلڪ ڪريو، وري لسٽس ۽ ان کانپوءِ نيو لسٽ جي چونڊ ڪريو. هاڻي ڪاسٽيوم لسٽ جو نالو رکو ۽ پلس آئيڪون تي ڪلڪ ڪري ماڻهن يا گروپس کي ايڊ ڪريو. جڏهن اوهان جو ڪم مڪمل ٿي وڃي ته create لسٽ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو، جنهن کانپوءِ اوهان جي تيار ڪيل لسٽ واٽس ايپ جي فلٽرز سان گڏ نظر اچڻ لڳندي.