لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم واٽس ايپ پيغام ليڪ ٿيڻ واري معاملي تي قانوني رستو اختيار ڪرڻ تي غور ڪري ڇڏيو آهي بابر اعظم گذريل ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽيءَ جي سربراهه سان ملاقات لاءِ پي سي بي هيڊ ڪوارٽر پهتو، جتي اچڻ کان اڳ بابر واٽس ايپ ميسجز ليڪ واري معاملي تي قانوني مشاورت ڪئي
ذريعن جو چوڻ آهي ته بابر اعظم واٽس ايپ پيغام ليڪ ٿيڻ تي قانوني رستو اختيار ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ياد رهي ته گذريل مهيني نجي ٽي وي چئنل تي بابر اعظم جي واٽس ايپ چيٽ لائيو ڏيکاري وئي هئي.ان معاملي تي پروگرام جي ميزبان سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان جاري ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته هو اِها چيٽ ڏيکارڻ نه پيا چاهن پر جڏهن ذڪاءَ اشرف لائيو شو دوران چيو ته اوهان ڏيکاريو تڏهن اسان ڏيکارڻ جو فيصلو ڪيو.