دنيا جي سڀ کان وڏي انسٽنٽ ميسيجنگ ايپليڪيشن واٽس ايپ تي هاءِ ڊيفينيشن (ايچ ڊي) وڊيوز ۽ تصويرون اماڻڻ جو فيچر آندو ويو آهي. هيل تائين واٽس ايپ ۾ جيتوڻيڪ اعليٰ ڪوالٽي جون تصويرون ۽ وڊيوز اماڻن ممڪن آهي پر صارف ايچ ڊي ڪوالٽي جي وڊيوز ۽ تصويرون نٿا اماڻي سگهن. پر ڪمپني 6 سيپٽمبر تي واٽس ايپ تي نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي،جنهن کان پوءِ صارف ايچ ڊي ڪوالٽي جون تصويرون ۽ وڊيوز اماڻي سگهندا.  ٽيڪنالوجي ويب سائيٽ “دي ورج” موجب واٽس ايپ جي مالڪ ڪمپني ميٽا ايچ ڊي وڊيوز ۽ تصويرن جي فيچرز کي متعارف ڪرائڻ جي تصديق ڪئي آهي.  انتظاميا موجب سڄي دنيا جي صارفين لاءِ نئون فيچر پيش ڪيو ويو آهي، پر ڄاڻايل فيچر ترتيب وار صارفين تائين پهچايوويندو. فوري طور تي جيتوڻيڪ گھڻن صارفين کي فيچر تي پهچ ناهي ڏني وئي پر پاڪستان جي ڪروڙين صارفن کي به مرحليوار ڄاڻايل فيچر تائين رسائي حاصل ٿي ويندي. نئين فيچر تحت هاڻي صارفن کان واٽس ايپ تصويرون يا وڊيوز اماڻن کان اڳ پڇندو ته ته اهي ڪهڙي ڪوالٽي جي تصوير يا وڊيو اماڻن پسند ڪندا. صارف کي نارمل، اعليٰ ۽ ايچ ڊي ڪوالٽي جا آپشن ڏنا ويندا ۽ ايچ ڊي ڪوالٽي جون تصويرون اماڻڻ سان انٽرنيٽ جو خرچ به گھڻو ٿيندو ۽ انهن کي اماڻڻ ۾ به ٿورو وقت گھربل هوندو. جيڪڏهن ڪنهن صارف جون وڊيوز ۽ تصويرون ايچ ڊي ڪوالٽي جون نه هونديون ته واٽس ايپ انهن کي ان ئي ڪوالٽي ۾ اڳتي اماڻي ڇڏيندو، جنهن ڪوالٽي جي اهي وڊيوز يا تصويرون هونديون، پر ان باوجود ايپليڪيشن صارف کي آپشن تي ڪلڪ ڪرڻ جو چوندي. ڄاڻايل فيچر کي پيش ڪرڻ لاءِ ڪروڙين صارفين ڪافي وقت کان مطالبو ڪري رهيا هئا ۽ ميٽا آگسٽ 2023ع ۾ ٻڌايو هو ته جلد ئي ايچ ڊي وڊيوز ۽ تصويرون اماڻڻ جو فيچر پيش ڪيو ويندو.