روسي هيڪرز سڄي دنيا ۾ حڪومتن جي وزيرن ۽ اهم عهديدارن کي اي ميلز ذريعي نشانو بڻائي رهيا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، روسي هيڪر عالمي سطح تي وزيرن ۽ اهم عهديدارن کي اي ميلز موڪلي رهيا آهن، جنهن ۾ اهم شخصيتن کي واٽس ايپ جي يوزر گروپن ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني پئي وڃي.

برطانيا جي نيشنل سائبر سيڪيورٽي سينٽر (اين سي ايس سي) موجب”روسي هيڪرز جو اِهو عمل برطانيا ۽ ان جا هم خيال ملڪن وچ ۾ اعتماد کي ڇيهو رسائڻ جي ڪوشش آهي.“

وزيرن ۽ حڪومتي عهديدارن کي ڪيئن نشانو بڻايو پيو وڃي؟

مائڪروسافٽ جي هڪ بلاگ پوسٽ ۾ نئين سائبر ڪرائم بابت ٻڌايو ويو آهي ته هيڪرز پاڻ کي يو ايس گورنمينٽ جا عهديدار ٻڌائيندي وزيرن کي اي ميل موڪلين ٿا جنهن ۾ انهن کي هڪ ڪيو آر ڪوڊ ڪلڪ ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي.

ڪيو آر ڪوڊ تي ڪلڪ ڪرڻ سان وزيرن کي واٽس ايپ گروپ تائين رسائي ڏيڻ بدران سندن اڪائونٽ کي لنڪ ڪيل ڊيوائس يا واٽس ايپ ويب پورٽل سان ڳنڍي ڇڏيندو آهي، جنهن کانپوءِ هيڪرز سولائيءَ سان وزيرن جي واٽس ايپ اڪائونٽ ۽ سندن ڊيٽا تائين رسائي حاصل ڪري وٺن ٿا.

مائڪروسافٽ جي هدايت

مائڪروسافٽ بلاگ ۾ اي ميل واهپيدارن کي پنهنجي اي ميلز ۽ خاص طور تي غير ضرروي لنڪس وارن پيغامن کي کولڻ وقت محتاط رهڻ جي صلاح ڏني آهي.

مائيڪرو سافٽ ترجمان موجب، اي ميلز واهپيدار اهڙن ماڻهن سان رابطو ڪن جيڪي ڪنهن مشهور يا استعمال ٿيل اي ميل ايڊريس ذريعي اي ميل موڪلين.

واٽس ايپ جو بيان

واٽس ايپ جي ترجمان چيو آهي ته جيڪڏهن اوهان پنهنجي واٽس ايپ اڪائونٽ کي ڪنهن companion ڊيوائس سان لنڪ ڪرڻ چاهيو ٿا ته اوهان کي ٿرڊ پارٽي ڌر جي ويب سائيٽس بدران واٽس ايپ جي آفيشلي سپورٽ ٿيل سروسز جو استعمال ڪرڻ گهرجي.

ترجمان وڌيڪ چيو ته اِهو ضروري ناهي ته اوهان ڪهڙي شعبي سان واڳيل آهيو، رڳو اُهي لنڪس کولڻ گهرجن جن تي اوهان ڀروسو ڪريو ٿا يا جن کي توهان ڄاڻو ٿا.