اسٽوريز هاڻي هر سوشل ميڊيا ۽ ميسيجنگ ايپ جو هڪ لازمي حصو آهن، جنهن سان صارفين پنهنجي روز مرهه جي مختلف گهڙين کي ٻين ماڻهن تائين پهچائين ٿا، اهي اسٽوريز 24 ڪلاڪن کان پوءِ پاڻمرادو غائب ٿي وينديون آهن.واٽس ايپ ۾ اسٽوري کي اسٽيٽس جي نالي سان شامل ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن توهان WhatsApp اسٽيٽس استعمال ڪندا آهيو، ته سٺي خبر اها آهي ته ڪمپني ان کي بهتر بڻائي رهي آهي. WABetaInfo پاران ٻڌايو ويو آهي ته ميٽا جي ملڪيت واري ميسيجنگ ايپ اسٽيٽس فيچر ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڪري رهي آهي. اهي نيون تبديليون WhatsApp جي بيٽا ورزن ۾ نظر آيون آهن.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته واٽس اپ اسٽيٽس جو مدو وڌائي رهيو آهي. في الحال هڪ اسٽيٽس 24 ڪلاڪن ۾ پاڻمرادو غائب ٿي ويندو آهي پر نئين تبديلي کانپوءِ صارفين کي 4 آپشن ملندا.صارفين 24 ڪلاڪ، 3 ڏينهن، هڪ هفتي ۽ 2 هفتن جا آپشنز پنهنجي مرضي سان طئي ڪري سگهندا، بهرحال، اهي ان وقت کي ڪنهن به وقت پنهنجي خواهش مطابق تبديل ڪري سگهندا.ياد رهي ته ڪمپني پاران فيبروري 2023 ۾ وائيس اسٽيٽس کي به ايپ جو حصو بڻايو ويو هو. اهڙي طرح هڪ پرائيويٽ آڊينس سليڪٽر به متعارف ڪرايو ويو ته جيئن ڪو صارف پنهنجي اسٽيٽس کي مخصوص ماڻهن تائين محدود رکڻ چاهي ته ان لاءِ اهو ممڪن هجي.