ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ ايسٽ جي عدالت واٽر ٽينڪر جي ڊرائيور محمد حنيف جي ضمانت ۽ پوليس جي جسماني رمانڊ واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون، جوابدار کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو. عدالت چيو ته جوابدار محمد حنيف کي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي، جوابدار فرار به ٿي سگهي ٿو ۽ جاچ تي اثرانداز به ٿي سگهي ٿو،ڪراچي ۾ وڌندڙ واقعا افسوس جوڳا آهن، لاڳاپيل انتظاميه جو رويو به افسوس ناڪ آهي، عدالت لکت ۾ جاري ڪيل حڪم ۾ چيو ته انتظاميه قتل خطا جي بدران قتل بالا سبب جي سيڪشن تي انحصار ڪندي آهي، عدالت ڪيس ۾ قتل خطا جو قلم 320 به شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو عدالت چيو ته جوهر موڙ وٽ حادثي ۾ به پنج قيمتي جانين جو نقصان ٿيو آهي جيڪو افسوس ناڪ آهي، پوليس چيو ته واٽر ٽينڪر يونيورسٽي روڊ بلاڪ 7 وٽ موٽرسائيڪل سوار نوجوان کي ٽڪر هنيو هو، ٽڪر لڳڻ سبب محمد حارث فوت ۽ محمد احمد زخمي ٿيو هو.