ڪراچي ۾ تيز رفتار واٽر ٽينڪر واٽهڙو ماڻهن مٿان چڙهي ويو، خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾2 ڄڻا چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا آهن
پوليس موجب ڪورنگي جي سنگر چورنگي وٽ تيز رفتار واٽر ٽينڪر واٽهڙن مٿان چڙهي ويو
حادثي جي نتيجي ۾ سعيد حسين ۽ سليم فوت ٿي ويا، عمر زمان ۽ زين زخمي ٿي پيا آهن
ريسڪيو ذريعن موجب فوتين جا لاش ۽ زخمي جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن