واھي پانڌي(ن پ ا) واھي پانڌي 9 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل نينگري سجيلا لغاري جي بازيابي لاءِ شهرين ۽ لغاري برادري جي ماڻهن ٽن ڏينهن کان گورک چونڪ ڌرڻو جاري رکيو. ان موقعي تي اڳواڻن مولوي عبدالڪريم جمالي، فاروق جمالي، حافظ در محمد، گل حسن برهماڻي ۽ ٻين چيو ته  9 ڏينهن اڳ 10 سالن جي سجيلا لغاري کي اغوا ڪيو ويو آهي هاڻ شادي جو ڪوڙو ڊرامو ڪيو پيو وڃي، نينگري سندس جي سالي آهي ان سان هي نڪاح نٿو ٿئي سگهي جنهن اسلام ۽ قرآن اجازت نٿو ڏئي. هنن وڌيڪ چيو ته جوابدار اويس جمالي سندس ساٿين شرعي ۽ قانوني جرم ڪيو آھي. ھنن ايس پي دادو ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ نينگري جي بازيابي تائين احتجاج ڌرڻو جاري رھندو ۽ هي احتجاجي تحريڪ کي وڌايو ويندو.