واهي پانڌي (ن پ ا) واهي پانڌي لڳ ڳوٺ دودو برهماڻي ٻني تي مرچ پٽيندي وڏي ماکي ڏنگي حملو ڪري ڏنو، جنهن سبب 10 ڄڻا بيهوش ٿي ويا. جن ۾ عمران برهماڻي، صورت ڌي مجيب برهماڻي، حنيف، واجد، پريل عجيب ۽ ڀٽو ملوکاڻي احمد علي برھماڻي سميت ٻه عورتون شامل آهن جن کي واهي پانڌي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کيس علاج ڪيو پيو وڃي ٻڌايو پيو وڃي ته مرچ پٽيندي ماکي حملو ڪيو جنهن سبب 10 ڄڻا بيهوش ٿيا.