واهي پانڌي (ن پ ا) واهي پانڌي ۾ عوامي پورھيت تحريڪ طرفان ڪاڇي جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ گورک هل ۾ ٿيل ڪرپشن، ڪاڇي مان تيل گيس ڪڍندڙ ڪمپنين کان ملندڙ اريبن رپين جي ڪرپشن، واهي پانڌي ۽ ڪاڇي جي بنيادي سھولتن جي حل لاءِ دودو برهماڻي کان واهي پانڌي تائين عوامي پيدل لانگ مارچ ڪاڇي ۾ صحت جي سهولتن، روڊ رستن جي بحالي ۽ بدامني سميت ٻين بنيادي مسئلن جي حل لاءِ سوين ماڻھن جي عوامي پيادل مارچ ڪيو ويو. مارچ ۾ پي ٽي آءِ، ايس ٽي پي، ايس يو پي سميت سياسي سماجي ماڻھن جي ريلي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن جي اين کوسو، ماروري پليجو، غلام قادر لغاري يونس سولنگي، وقار مستوئي، غلام رسول لغاري ۽ ٻين چيو پيپلزپارٽي 15 سالن کان وٺي گورک هل اسٽيشن تي ڪا ترقي نه ڪرائي سگهي آهي گورک جي ترقي جي نالي تي 23 ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي واهي پانڌي سميت ڪاڇي واسي پيئڻ جي پاڻي، روڊ رستن سميت صحت جي سھولتن کان محروم رکيو ويو آھي اسڪولن کي تالا آهن جيئن سنڌي قوم جو ايندڙ اڻ پڙهيل هجي اسان آرام سان ڪرپشن ڪيون هنن وڌيڪ چيو ته گورک هل اٿارٽي جي چيئرمين رفيق جمالي 23 ارب رپين جي بجيٽ ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪري کيس جيل موڪليو وڃي ۽ ڪاڇي ڪم ۾ ڪم ڪندڙ تيل گئس ڪمپين ملندڙ اربين رپين جي بجيٽ ڪاڇي ۾ خرچ ڪري اسپتال، اسڪول لائبريريون جوڙيون وڃن ۽ ڪاڇي جا بنيادي مسئلا فوري طور تي حل ڪيا وڃن.