واهي پانڌي(اسپورٽس نيوز) واهي پانڌي کان گورک هل اسٽيشن تائين 3 ڏينهن جي بائيڪ آف ريلي اڄ پڄاڻي تي پهتي، ريلي جي پڄاڻي تي سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير ذوالفقار علي شاھ چيو آھي سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهڙا ايونٽ ڪرائڻ لازمي آھن سنڌ ۾ راندين کي هٿي ڏيڻ لاءِ پهريون ڀيرو گورک هل بائيڪرس آف روڊ ريلي ڪرائي آھي جيڪا بائيڪر ريلي انٽرنيشنل ليول جي ريلي آھي جنهن ۾ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان نوجوان توڙي نوجوان فيميل حصو ورتو هن وڌيڪ چيو ته گورک هل بائيڪرس آف روڊ ريلي کان پوءِ هاڻ جيپ ريلي جلد ڪرائي ويندي جيئن سنڌ جي تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن سميت ٻين ماڳن کي هٿي وٺرائجي، آخر گورک آف روڊ ريس کٽندڙن ۾ ٽرافيون ۽ انعام پڻ ورهايا ويا.