واهي پانڌي (ن پ ا) واهي پانڌي ويجھو ڳوٺ مسو رستماڻي ۾ نلڪي تان پاڻي ڀرڻ تان بااثر مبينا طور نينگري فرزانه کي تشدد جو نشانو بڻائي زخمي ڪري ڇڏيو، ٻي طرف زخمي نينگري جي والد موجب ته اسان غريب آهيون، نياڻي نلڪي تان پاڻي ڀرڻ وئي ته بااثر کيس تشدد جو نشانو بڻائي ظلم ڪيو آهي، نوٽيس وٺي بااثر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.