دبئي(شوبز نيوز) پاڪستاني اسٽار فواد خان چيو آهي ته هن خوبصورت ۽ سٺي طبيعت وارن فلمي اداڪارن سان ڪم ڪيو آهي. دبئي ۾ فلم ‘عبير گلال’ جي ميوزڪ لانچ جي موقعي تي فواد چيو ته فلم جي هيروئن واني ڪپور پڻ هڪ اداڪاره آهي جنهن سان ڪم ڪرڻ دوران هن جون سٺيون ڳالهيون ٿيون. فواد خان چيو ته فلمن ۾ سادگي ضروري آهي ته جيئن ناظرين تفريح ڪن ۽ پريشان نه ٿين. واضح رهي ته فلم عبير گلال 9 مئي تي دنيا جي سينما گهرن ۾ رليز ڪئي ويندي. اها هڪ رومانوي مزاحيه فلم آهي. هي ڪهاڻي گلال باجج، هڪ آزاد مزاج ڇوڪري، ۽ ابير سنگهه جي وچ ۾ هڪ پيار ڪهاڻي آهي.