ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور پنهنجي والدين رنڌير ڪپور ۽ ببيتا جي رشتي بابت اهم انڪشاف ڪيو آهي.هڪ تازو انٽرويو دوران ڪرينا ٻڌايو ته سندس والدين محبت جي شادي ڪئي، پر ان باوجود ڪجهه سالن کانپوءِ ٻنهي هڪٻئي کان جدا ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.ادڪارا موجب، والدين جي وچ ۾ ذهني هم آهنگي جي کوٽ هئي، معمولي ڳالهين تي بحث ۽ تڪرار روز جو معمول بڻجي ويو هو، تنهنڪري ٻنهي ڌار ٿيڻ واري فيصلي کي ئي بهتر سمجهيو .ڪرينا ٻڌايو ته ٻنهي وچ ۾ باظابطا طلاق نه ٿي هئي، رڳو ڪجهه وقت لاءِ جدا ٿيا هئا، ان کانپوءِجڏهن عمر وڌي ته ٻنهي فيصلو ڪيو ته زندگيءَ جا پڇاڙڪا پهر گڏجي گذارڻ گهرجن ۽ ٻيهر گڏ رهڻ لڳا.ادڪارا چيو ته سندس ڀيڻ ڪرشما ڪپور خاندان جي پهرين ڇوڪري هئي، جيڪا فلمن ۾ آئي جنهن جو ڪريڊٽ سندس ماءُ ببيتا ڏانهن وڃي ٿو، پر پيءُ رنڌير ڪپور ڪرشما جي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ تي ڪو به اعتراض نه واريو.