اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري جي ڌيءُ ايمان مزاري عدالت ٻاهران روئي ڏنو، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي والده مٿان تشدد ڪيو ويو آهي، عدالتي حڪم تي آزادي کانپوءِ ٻيهر کيس گرفتار ڪيو ويو، منهنجي والده باٿروم ۾ هئي، ان باوجود زبردستي ڪئي وئي.