سري نگر(م ڊ) والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي انتظاميا 48 سياحتي ماڳ بند ڪري ڇڏيا .پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ موجود 87 مان 48 عوامي پارڪ قابض انتظاميا طرفان بند ڪيا ويا، ڀارتي اختيارين جو چوڻ آهي ته مستقبل ۾ وڌيڪ سياحتي ماڳن کي به بند ڪري فهرست ۾ شامل ڪيو ويندو. ٻئي پاسي، ڀارت جي مختلف رياستن ۾ والاريل ڪشمير سان واسطو رکندڙ شاگردن، ملازمن ۽ واپارين کي هراسان ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب ڪيترائي ڪشميري ڀارت ڇڏڻ تي مجبور ٿي، واپس سري نگر وڃي رهيا آهن ڀارتي رياستن مهاراشٽرا، هرياڻا ۽ هماچل پرديش ۾ اٽڪل 2000 ڪشميري پنهنجي گهرن ۽ آفيسن تائين محدود ٿي ويا، هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪشميري شاگردن ٻڌايو ته هو گذريل پنجن ڏينهن کان پنهنجن گهرن ڏانهن نه وڃي سگهيا آهن، جڏهن ته ڀارت جي مختلف علائقن ۾ ڦاٿل ڪشميري محفوظ رستن جي ڳولا ۾ آهن ته جيئن واپس سري نگر پهچي سگهن.