سرينگر(م ڊ) والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي سياحتي ماڳ پهلگام ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ 27 سياح مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سياحن مان اڪثر جو واسطو ڀارتي رياست گجرات ۽ ڪرناٽڪ سان هو، زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو. والاريل ڪشمير جي وڏي وزير عمر عبدالله چيو ته فائرنگ جو واقعو گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ شهرين تي ڪيل سڀ کان وڏو حملو آهي. اڳوڻي وزيراعليٰ محبوبا مفتي به سياحن تي حملي جي مذمت ڪئي. هوڏانهن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو آهي ته ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.