خانواهڻ: شروعاتي رپورٽ ۾ جنسي زيادتي جي تصديق ٿيڻ کان پوءِ سندس پيءُ نديم علي ۽ امڙ شبانا ڦرڙو گھر ڪئي آهي ته واقعي ۾ ملوث ظالم اسد شاهه کي ڦاهي تي لٽڪايو وڃي ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي قومپرست اڳواڻن توڙي سماجي حلقن کي اڳتي اچڻ گهرجي ته جيئن واقعي ۾ ملوث سڀئي ڪردار وائکا ٿي سگھن، ھوڏانھن واقعي خلاف ڳوٺاڻن فرحان علي، وحيد، حجت الله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي ھنن گھر ڪئي ته ڪيس ۾ گھربل حنا شاهه کي گرفتار ڪيو وڃي.