ڀريا روڊ: شھيد پوليس اھلڪار جي پٽ قلندر بخش لاشاري ۽ ڀائيٽي اقبال لاشاري چيو ته واقعو ڦر مزاحمت جو ناهي، سڌو سنئون ٽارگيٽ قتل آهي، هنن ٻڌايو ته اي ايس آءِ ڪوٽ لالو ٿاڻي تي هڪ سال کان مقرر هو، جتي هو ڊيوٽي لاءِ وڃي رھيو ھو ته نامعلوم ھٿياربند ڦورن کيس گوليون ھڻي شھيد ڪري ڇڏيو، هنن چيو ته ڪالھه موٽر سائيڪل خراب ٿي پئي هئي، جيڪا ڀرياروڊ مستري وٽ بيٺل هئي، اها ڪاهي ڪوٽ لالو ٿاڻي تي ڊوٽي تي اچي رهيو هو ته هٿياربندن هن کي منهن ۽ سيني ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو، هنن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، ٻڌايو پيو وڃي ته اهلڪار تازو پروموشن ٿيڻ بعد هيڊ ڪانسٽيبل مان اي ايس آءِ ٿيو هو.