اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف اسلام آباد ۾ به رهندڙ سنڌي شاگردن، مردن، عورتن، ٻارڙن، سول سوسائٽي فردن وڏو احتجاج رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو، ڪالھه پريس ڪلب اسلام آباد سامهون ڀرپور احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا جن تي سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ نامنظور ۽ ٻيا نعرا لکيل هئا، درياءَ خاطر جهيڙو آ، ڪئنال نامنظور، واضح ڪر اعلان ڪئنال کپي يا پاڪستان ۽ ٻيا نعرا هنيا ويا، مظاهرين سنڌو مان ڪئنالن جي منصوبي کي رد ڪندي چيو ته سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسين، حڪمران ان حوالي سان ٿيل احتجاج ڏسي وٺن، ان جو دائرو وڌائي سگهجي ٿو. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي بخشل ٿلهو چيو ته هي تهذيب درياءَ ڄڻي آھي، ڇا هنن کي ڊيم گهرجن ماڻهو نه گهرجن؟ ايس آءِ ايف سي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ گهرجي سنڌ جو عام ماڻهو نه گهرجي . سرائڪي بليٽ جي صحافي صفدر ڪالاسرا چيو ته ڪئنالن جي منصوبي سان اسان سرائيڪين جون زمينون وينديون، اسان تباهه ٿينداسين اسان کي گريٽر ٿل ڪئنال به نه گهرجي، ڪئنالن سان اسان جي ڌرتي تي قبضو ڪيو ويندو، فرزانه باري چيو ته هي ڪئنالن جو مسئلو رڳو سنڌين جو نه سمورن ماحول دوست ماڻهن جو آھي 6 ڪئنالن جو منصوبو ختم نه ڪيو ويو ته اهو پاڪستان خلاف عمل هوندو.