ملير (رپورٽر) مسجد جو واش روم ڇو استعمال ڪيو ؟ پيش امام سريو هڻي پورهيت جي اک ضايع ڪري ڇڏي، نوجوان اسپتال داخل، ان ڏس ۾ شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ۾ حسن پنهور ڳوٺ  جي پيش امام قاري حيات الله مبينا طور تي واش روم استعمال ڪرڻ تان نوجوان انور خاصخيلي کي اک ۾ سريو هنيو، جنهن سبب نوجوان جي اک متاثر ٿي، ان سلسلي ۾ متاثر نوجوان جو چوڻ هو ته هو حاجت پوري ڪرڻ لاءِ مسجد جي واش روم ۾ ويو، جنهن تان مولوي مون کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ بعد سريو هڻي  زخمي ڪيو آهي، ٻئي طرف پيش امام جو چوڻ آهي ته مون مٿان هنيل الزام بي بنياد آهي، انور خاصخيلي مسجد ۾ آيو ئي ناهي ۽ نه ئي اهڙو واقعو ٿيو آهي، ٻئي طرف خاصخيلي اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ يعقوب خاصخيلي، پ پ اڳواڻ اختر عارفاڻي، مکي اوڌومل، رشيد پنهور، حاجي نظر محمد جوکيو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري پيش امام جي گرفتاري جي گهر ڪئي وئي. ان موقعي تي ايس ايس پي ملير طارق مستوئي مظاهرين سان رابطو ڪري کين ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي