حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) واسا حيدرآباد جي ملازمن کي 9 ميهنن کان پگهار ۽ پينشن نه ملڻ سبب واسا جي مزدور يونين سي بي اي پاران اڄ کان اڻ اعلانيل مدي تائين هڙتال ڪرڻ اعلان ڪيو ويو آهي. اڄ صبح 10 بجي کان حيدرآباد شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ نيڪال نظام جو سمورين پمپنگ اسٽيشنن تي ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي ويندي جنهن سبب سنڌ ٻئي نمبر وڏي شهر جي 25 لک کان وڌيڪ آبادي سخت تڪليف ۾ اچڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي. ”پنهنجي اخبار“ پاران ان ڏس ۾ گڏ ڪيل معلومات موجب واسا حيدرآباد جي 5 هزار کان مٿي پڪن، ڪچن، ورڪ چارج ملازمن توڙي آفيسرن کي 9 مهينن کان پگهارون ۽ پينشن نه ملي سگهيون آهن جنهن سبب ملازم بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي علاج وگهي فوت ٿي رهيا آهن. واسا ملازمن جي رهتن لاءِ اڄ اعلانيل احتجاج جي صورت ۾ حيدرآباد جون 200 کان وڌيڪ پيئڻ جي پاڻي ۽ نيڪال نظام جون پمپنگ اسٽيشنون بند ٿي وينديون جنهن سان شهري وڏي تڪليف ۾ اچي وڃڻ جو امڪان آهي جيتوڻيڪ واسا انتظاميا ملازمن جي ڳالهين تي زور ڏئي رهي آهي پر ملازم پگهارون جاري نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪا به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن. ان ڏس ۾ سي بي اي يونين جي جنرل سيڪريٽري انصاف لاشاري ڳالهائيندي چيو ته اسان کي اڄ هر حالت ۾ پگهارون جاري نه ڪيون ويون ته اسين اڻ اعلانيل مدي تائين هڙتال ڪنداسين جيڪا رهتون جاري ٿيڻ تائين جاري رهندي. هن چيو ته اڄ صبح 10 بجي ڄامشورو روڊ تي واقع مين  فلٽر پلانٽ سامهون واسا ملازم ڌرڻو هڻي هڙتال شروع ڪندا. هن چيو ته واسا ۽ ايڇ ڊي اي جو انتظامي سربراهه هاڻي  ميئر حيدرآباد آهي جنهن وٽ بجيٽ به موجود آهي ۽ اداري جو سربراهه هجڻ سبب هو اسان جو وڏو آهي، جيڪڏهن هو اسان سان ڳالهيون ڪري پگهارون ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ته پوءِ اسين ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ٻي صورت ۾ ايم ڊي واسا ۽ واسا انتظاميا جا آسرا ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيون.