حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ جي ناڻي کاتي جي نااھلي سبب واسا جا 5 ھزار ملازم عيد خوشين کان محروم سي بي اي يونين پاران عيد کان پوءِ پيئڻ جي پاڻي ۽ نيڪال نظام بند ڪري ڀرپور تحريڪ ھلائڻ جو اعلان، ان ڏس ۾ سي پي اي يونين جي جنرل سيڪريٽري انصاف علي لاشاري جو چوڻ آهي ته سنڌ جي مڪاني کاتي 10 ڏينهن اڳ ناڻي کاتي کي سمري موڪلي ھئي ته واسا جي رھتن جي مد ۾ 4 ڪوارٽر جي رقم 96 ڪروڙ رپيا فوري طور تي جاري ڪيا وڃن ته جئين ملازم عيد جي خوشين کان محروم نه رھن، پر ناڻي کاتي جي بي حسي سبب واسا جي05 ھزار ملازمن جا ڪٽنب عيد خوشين کان محروم رھجي ويا آهن، انڪري عيد کانپوءِ ڀرپور تحريڪ ھلائي ويندي جنهن جي سموري ذميواري سنڌ حڪومت تي ھوندي.