حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد شهر کي پيئڻ جو پاڻي ۽ نيڪال نظام فراهم ڪندڙ اداري واسا جي ملازمن کي 10 مهينن جون پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ سبب علاج وگهي واسا ملازمن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري، 2007ع کان لطيف آباد واسا ۾ ڪم ڪندڙ ملازم شوڪت علي انصاري فوت ٿي ويو جنهن جي تدفين لطيف آباد نمبر 11 جي مقامي قبرستان ۾ ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ ايڇ ڊي اي جي مزدور يونين سي بي اي جي جنرل سيڪريٽري انصاف علي لاشاري ٻڌايو ته مالي بي حالي سبب ملازم علاج ته پري جي ڳالهه پر 2 ويلا ماني به نه پيا کائي سگهن. پگهارون نه ملڻ سبب واسا جو 15هون ملازم فوت ٿي چڪو آهي پر حڪمرانن جي بي حسي سبب خبر ناهي اڃا گهڻا لاش کڻڻا پوندا. هن ٻڌايو ته واسا جو ملازم شوڪت شيخ جگر جي عارضي، آمريڪن ڪوارٽر پمپنگ اسٽيشن جي ملازم قاسم هاليپوٽو دل بيهڻ سبب، پي اين ڊي سي جو ملازم شاهد علاج نه ڪرائڻ سبب ٽنگ ڪينسر ٿيڻ سبب پنهنجي ٽنگ ضايع ڪرائي سگهي. واسا جي ڊسپيج رائيڊر آصف جي والده، ايم ڊي واسا جي آپريٽر اشفاق سميت 15 ملازم علاج وگهي فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته هن وقت به واسا ملازم اياز لاشاري جي نياڻي اسپتال ۾ داخل آهي ۽ ٻيا به ڪيترائي ملازم مختلف بيمارين ۾ مبتلا آهن ۽ علاج نه پيا ڪرائي سگهن. هن چيو ته انتظاميا 10 ڏينهن جي مهلت گهري احتجاج ختم ڪرايو هو. 10 ڏينهن پورا ٿيڻ تائين پگهارون ادا نه ڪيون ويون ته شهر ۾ پيئڻ جو پاڻي ۽ نيڪال نظام جي فراهمي بند ڪري اڻ اعلانيل مدي تائين هڙتال تي هليا وينداسين.