بيروت: لبنان جي توانائي واري وزير جي پنهنجي آفيس ۾ وار ڪٽرائڻ واري تصوير وائرل ٿيڻ کانپوءِ عوام پاران سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي.وليد فياض جيڪو 2021 ۾ قائم ٿيڻ واري نجيب مڪيٽي جي حڪومت ۾ پاڻي ۽ توانائي واري وزير طور ڪم ڪري رهيو آهي سندس تازي تصوير وائرل ٿيڻ کان پوءِ عوام جي ڪاوڙ کي منهن ڏئي رهيو آهي.سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي هڪ صارف چيو ته ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هي شخص ملڪ ۾ بجلي جي مسئلن جو ذميوار آهي؟ هڪ صارف لکيو ته “فضول ڪم لاءِ وقت ناهي،”.وڌيڪ پوسٽن تي سوال اٿاريا ويا ته وليد فياض کي ڇا ٿيو آهي جڏهن ته حڪومت پاران زهراڻي پلانٽ تي آخري پيداواري يونٽ جي بندش جو اعلان ڪيو ويو آهي.تصوير تي عوام جي ڪاوڙ جو هڪ بنيادي سبب لبنان ۾ توانائي جي بحران جي باوجود وزير جي آفيس روشني سان چمڪي رهي آهي.