وارهه (رپورٽ: اياز چانڊيو) وارهه ۾ بدامني خلاف شهري رستن تي نڪري آيا، درزي يونين جي سڏ تي پاڪ ڪتاب کڻي شھر جي مک فاضل راهو چوڪ تي احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ عمران ابڙو، وحيد پيرزادو، علي نواز ٽوٽاڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، ٻئي طرف جي يو آءِ ڪارڪن منصور واهوچو کان موٽرسائيڪل ڦر واقعي خلاف جي يو آءِ ڪارڪنن ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو،اڳواڻن قاري عثمان مغيري،محمد حنيف ڇٽو،خيرمحمد سومرو ۽ ٻين چيو ته هڪ ڏينهن ۾ شهر ۾ ڦرلٽ جون 5 وارداتون ٿي ويون آهن، پوليس جي لاپرواهي سبب وارداتون پيون ٿين، اهلڪار جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهن، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري امن قائم ڪرايو وڃي.ٻي طرف ايس ايچ او محبوب مٺياڻي ٻڌايو ته جاچ ڪريون پيا، ٿاڻي آڏو ڌرڻو هڻڻ مناسب عمل ناهي.